هاڻي فلمن جا خطرناڪ اسٽنٽ هاڻ روبوٽ انجام ڏيندو

ڪيليفورنيا(شوبز نيوز) ڊزني هڪ اهڙو ڦڙتيلي انسان جهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو فلمن ۾ اداڪارن جي جاءِ تي استعمال ڪيو ويندو. ايتري قدر جو اِهو روبوٽ هوا ۾ انسان جيان قلابازي به کائي سگهي ٿو. ان روبوٽ جو پهريون نمونو تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي ” اسٽڪ مين“ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان کي اسٽنٽرونڪس روبوٽ طور بيان ڪيو پيو وڃي. ڊزني هڪ پاسي ته ان روبوٽ کي مختلف ڪردارن ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻئي پاسي اهو آئرن مين ۽ بز لائٽ ايئر جي جاءِ وٺي سگهندو. ڊزني جي ٿيم پارڪس ۾ روبوٽ ٻارن ۽ وڏن کي مختلف ڪرتب ڏيکاريندو. ڊزني کي پنهنجي تفريحي پارڪن جي لاءِ اهڙي روبوٽ جي ضرورت هئي جيڪو نه رڳو عوام ۽ ٻارن کي ڪرتب ڏيکاري سگهي پر ان سان گڏوگڏ شين اڇلائڻ ۽ گرفت ڪرڻ جي سادي راند به کيڏي سگهي ٿو. ٻئي پاسي انهن روبوٽن کي انٽر ايڪٽو ۽ ڦڙتيلو بڻائي ان کان ٽپ ڏيڻ ۽ هوا ۾ اڏڻ جهڙا ڪرتب به ڏيکاريا ويندا جنهن بعد اداڪارن ۽ اسٽنٽ ڪردارن کي پنهنجو سر خطري ۾ وجهڻ جي ضرورت نه پوندي. هن سال مئي ۾ ڊزني اسٽڪ مين تيار ڪيو جيڪو هوا ۾ قلابازي کائي متوازن انداز ۾ زمين تي اچي بيهندو آهي. ان کان پوءِ روبوٽ کي وڌيڪ انساني روپ ڏيڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. هاڻ ڊزني جي خواهش آهي ته ڪنهن ڪردار جيان ان روبوٽ کي تيار ڪري سگهجي جيئن هو مشهور اداڪارن جي جاءِ تي پاڻ سندن ڪرتب ۽ ڏکيا رول ادا ڪري.

اپنا تبصرہ بھیجیں