ڪوبه ماءُ جو لال ڪنهن جي چوڻ تي حڪومت کي ڪيرائي نٿو سگهي: وفاقي گهرو وزير

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گھرو وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه چيو آهي ته آئون سمجهان ٿو ته مولانا فضل الرحمان 27 آڪٽوبر تي اسلام آباد نه ايندو. اسلام آباد ۾وزيراعظم جي  اوورسيز پاڪستانين  بابت خاص مددگار زلفي بخاري سان گڏ پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ سهولت سينٽر جي افتتاح کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته اسلام آباد جي بليو ايريا ۾ قلم 144 لڳل آهي، آئون سمجهان ٿو ته مولانا فضل الرحمان 27 تي نه ايند، هو جن ماڻهن کي آڻي رهيو اهي ڇا لاءِ آڻي رهيو آهي. برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه چيو ته عمران خان پهريون وزيراعظم آهي، جنهن چيو هو ته مديني جي رياست بڻجندي، حڪومت نه مدرسن کي ڇيڙي رهي آهي نه ان جو نصاب تبديل ڪري رهي آهي پر رڳو ان ۾ انگريزي، تاريخ ۽ ٻيا مضمون شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن شاگرد ٻيون ملازمتون به ڪري سگھن. هن چيو ته جڏهن عمران خان آيو هو تڏهن حالتون ٻيون هيون ۽ اڄ حالتون مختلف آهن، حڪومت اها آهي جيڪا سهولتون فراهم ڪري ۽ اسان سهولتون ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت عوام آندي آهي، جيستائين پي ٽي آءِ تي عوام جو اعتماد رهندو ڪو به ماءُ جو لعل اسان کي نٿو ڪڍي سگھي، جهموريت ۾ هڪ حڪومت ۽ هڪ اپوزيشن هوندي آهي. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته حڪومت ڊليوري ڪندي آهي جڏهن ته اپوزيشن تنقيد ڪندي ، جيستائين ماڻهو اهو سمجهندا ته حڪومت درست رخ ۾ آهي ۽ ڪرپٽ نه آهي ته ڪنهن جي به چوڻ تي اها حڪومت نٿي ڪري سگھي. ان دوران پوليس جي عقوبت خانن بابت سوال جي جواب هن چيو ته پوليس جا عقوبت خانا رڳو اسلام آباد ۾ نه پر ڪنهن به جاءِ تي ناهن ملندا. وفاقي وزير اعجاز شاهه چيو ته اسان 21 هين صدي ۾ اچي ويا آهيون، عقوبت خانا ڪٿي به نه هوندا پر جيڪڏهن ان جي نشاندهي ٿي وئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن اوهان جي نظر ۾ اهڙو ڪو ٽارچر سيل آهي ته مون کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته 22 ڪروڙ عوام آهي پر آئون اهو ناهيان چئي رهيو ته ڏوهه ٿيندا آهن پر الله ڪري اسان اهڙو معاشرو بڻجي وڃون جتي ڏوهه نه هجن. هن چيو ته جڏهن ڏوهه ٿيندا آهن ته ان کان پوءِ رد عمل ڏسو جيڪو اوهان کي ٻڌائيندو ته ادارو ڪهڙو آهي پر جيڪڏهن ردعمل درست نه هجي ته ٻڌايو پر جيڪڏهن ڪارروائي ٺيڪ هجي ته شاباش ڏيو ته جيئن وڌيڪ بهتري اچي. ڳالهه ٻولهه دوران صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته مولانا فضل الرحمان لاءِ ڪو پيغام ڏيو، جنهن تي هن چيو ته مولانا کي منهنجا سلام ڏيو. ان موقعي تي زلفي بخاري چيو ته آئون گھڻو خوش آهيان ته اڄ وزيراعظم عمران خان جي وزن جو هڪ حصو مڪمل ٿيو، ان تي گھرو وزارت، هائوسنگ واري وزارت، آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو. سندس چوڻ هو ته اوورسيز پاڪستانين لاءِ هڪ سهولت سينٽر کوليو آهي ۽ منهنجي گذارش آهي ته کين ٻين علائقن ۾ به وٺي وڃجي جڏهن ته موبائيل سينٽرز به قائم ڪيا آهن  ته جيئن ماڻهن کي نظر اچي ته سواءِ پيسن جي ڪيئن ڪم ٿي سگھي ٿو. سندس چوڻ هو ته ان سهولت سينٽر ۾ خاص طور تي اوورسيز پاڪستانين جا اهي زمين جا مسئلا جيڪي عدالت ۾ نه  هجن اهي اتي آڻي به حل ڪرائي سگھجن ٿا، ان تي پوليس فوري ايڪشن وٺندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اعجاز شاهه هن چيو ته اسان پرڏيهي ملڪ پاڪستانين جي زميني تڪرار جي حل لاءِ هڪ فاسٽ ٽريڪ تجويز ڪري رهيا آهيون ته هڪ مهيني يا ڏيڍ مهيني ۾ اهو زميني تڪرار حل ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي هتي آڻڻ لاءِ گھٽ وقت ملندو آهي، ان قدمن جو مقصد اهو اهي ته هنن جو پاڪستان جي هائوسنگ مارڪيٽ ۾ اعتماد بحال ٿئي ۽ عمران خان جو گھرن وارو خواب پورا ٿئي ۽ اهو پرڏيهي پاڪستاني ئي ڪندا.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں