ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو مقرر ناهي ٿيو، پاڻي ورڇ ۾ 91ع جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي پئي ٿئي: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته آئون پاڻي جي ورڇ جو مسئلو ايوان آڏو رکڻ چاهيان ٿو، پاڻي واري معاهدي کانپوءِ ارسا بڻائي وئي، ارساءَ ذريعي پاڻي جي ورڇ کانپوءِ سنڌ کي مسئلن درپيش آهن، ارسا ٺهڻ کانپوءِ پاڻي جي ورڇ ۾ ڪيترائي ڏکايون آيون. ارسا ۾ سنڌ مان ميمبر هجڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ۾ خيال جو اظهار ڪندي هن چيو ته سال 2000 کان اڄ تائين سنڌ مان ارسا لاءِ ميمبر مقرر نه پيو ٿئي. وفاق پاران اسان کي ڪنهن به معاملي تي اعتماد ۾ نه ورتو ويندو آهي. طئي ٿيل هو ته ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان هوندو. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ 2000 جو هڪ آرڊر جي لکت پڙهي جيڪا هن ريت آهي ته ”مجاز اٿارٽي موجوده ارسا جي سيٽ اپ کي بهتر بڻائڻ لاءِ فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه نڪتا آهن فلاڻو انجنيئر هجڻ گهرجي ۽ هيڊڪوارٽر لاهور مان اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي جڏهن ته ٽيئن شق هئي ته ارساءَ ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان هوندو جيڪو موزون پينل تحت منظوري لاءِ سيڪريٽري اماڻيو ويندو.“ هي حڪمنامو 2000 جو آهي جيڪو اڃان تائين ختم نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 2000 کان اڄ تائين وفاقي ميمبر جڏهن به مقرر ٿيو آهي سنڌ مان ٿيو آهي جيڪڏهن تيعناتي نٿي ٿئي ته قانون ۾ گنجائش موجود آهي ته حڪومت جو پاڻي وارو صلاحڪار جيڪو به هوندو آهي اهو ارساءَ جو ميمبر بڻجي ويندو آهي ۽ اهڙي ريت ڪابه صوبي ۾ جاءِ ايندي آهي ۽ تيعناتي نه ٿي سگهندي آهي ته جيڪو سيڪريٽري آبپاشي هوندو اهو نمائندو بڻجي ويندو آهي  تڏهن وڃي ارساءَ جي ڪمپوزيشن پوري ٿيندي آهي. اسان هڪ وفاقي حڪومت ڏانهن 12 آڪٽوبر 2017 ۽ ٻيو 11 جولاءِ 2019 جو ٻيهر هڪ خط اماڻيو ته هينئر تائين مقرري نه ٿي آهي. مون سمجهيو ته جيڪڏهن هڪ نالي تي اعتراض ٿي ٿو وڃي ته ان لاءِ آئون ٽي نالا اماڻيا. وزيراعظم کي سنئون سڌو به خط لکيي 3 نالا ڏنا پر انٽرويوز لاءِ هڪ اهڙي شخص جو نالو ڏنو ويو جنهن جو تعلق سنڌ سان نه هو، اڄ تائين سنڌ مان ارساءَ لاءِ ميمبر لڳيا ويا پر هاڻي ايئن ڇو نه پيو ٿئي؟ پاڻي وارو وفاقي وزير  به سنڌ مان آهي سوچيو ته الله چڱائي ڪندو اسان جو حق به آهي. آڪٽوبر 2019 جو هڪ اخباري رپورٽ نظر مان گذري جنهن جي هيڊنگ هئي ”ارسا ۾ واڌو متنازع تقرري“ . رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته انٽرويز ورتا ويا هڪ ڪميٽي بڻائي وئي جنهن کي پاڻي وارو وفاقي وزير هيڊ ڪري رهيا آهن جڏهن ته سيڪريٽري واٽر ۽ ٻيا پڻ ڪميٽي ۾ شامل آهن . جنهن انٽرويوز ڪري جنهن جو تعلق سنڌ سان نه آهي، انهن ڪجهه نالن جي سفارش ڪئي. وڏي وزير اسيمبلي ميمبرن کي ٻڌايو ته جيئن ئي منهنجي نظر مان لاڳاپيل خبر گذري ته آئون وزيراعظم کي هڪ خط لکيو ته اڄ تائين سنڌ مان ارسا جو ميمبر لڳايو ويو پر هاڻي ايئن ڇو نه پيو ٿئي جڏهن ته آمريت واري دور ۾ به ارسا مان سنڌ جو نمائندو رهيو آهي. ايتري قدر جو وزيراعظم پاڻ سنڌ مان چونڊون وڙهيون ۽ پاڻي وارو وزير به سنڌ مان چونڊو وڙهي رهيو آهي ته پوءِ سنڌ سان ڀيدڀاءُ ڇو پيو ٿئي؟ وڏي وزير ٻڌايو ته پاڻي واري معاهدي تي صحيح عمل نه پيو ٿئي. تاريخي لفظ کي ورجائيندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. ۽ اهو وقفي وقفي سان صوبن سان امتيازي سلوڪ رکيو ويو . اپريل 2018 جي گڏيل مفادن واري ڪونسل (سي سي آئي) اجلاس ۾، مون هڪ معاملو اٿاريو هو جنهن تي وزيراعظم هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي بڻائي ۽ چيو ته قانوني معاملن کان وڌيڪ ٽيڪنيڪل معاملا لڳن پيا. ڪميٽي جي سربراهي اٽارني جنرل ڪئي.۽ چئن صوبن مان قانون وارا وزير ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ان جا ميمبر هوندا ۽ فيڊرل منسٽر ۽ واٽر به ان جا ميمبر هوندا  جيڪي گڏجي ويهي سي سي آءِ کي پنهنجيون سفارشون ڏيندا. انور مقصود خان اٽارني جنرل آف پاڪستان آهي. اپريل کانپوءِ هڪ گورنمنٽ هلي وئي ۽ ٻي حڪومت آئي. هن ٽي چار اجلاس سڏرايا ۽ مون پاڻ ان اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. انور مقصود خان صاحب 28 مئي 2019 ۾ پنهنجي رپورٽ سي سي آئي ۾ اماڻي. نومبر 2018 کان اڄ تائين سي سي آءِ جو اجلاس نه ٿيو آئين ۾ لکيل آهي ته هر 90 ڏينهن ۾ اجلاس ٿيڻو آهي. مون جيڪو گذريل ڏينهن خط لکيو آهي وزيراعظم صاحب کي ان ۾ هڪ اهو ته ارساءَ جي ميمبر جو لکيو آهي ته مهرباني ڪري سنڌ سان حلق تفي نه ڪريو. سنڌ ۾ آمريت جي دور ۾ به ايئن نه ٿيو. جيڪا ڪميٽي بڻائي وئي آهي ان جو ڇهن مهينن کان تقريبا رپورٽ پينڊنگ ۾ آهي 6 مهينن کان اجلاس نه سڏرايو ويو ۽ اهو آئين جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. ان ڪري فيڊرل ليجسليٽيو لسٽ 2 جيڪا آهي ان ۾ سڄو اختيار سي سي آئي وٽ آهي فيڊرل حڪومت وٽ نه آهي. سي سي آءِ وٽ گذريل 11 مهينن کان سي سي آءِ جو اجلاس نه ٿيو جيڪو هر 90 ڏينهن ۾ ٿيڻو آهي  ۽ اهو آئون ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ۽ مختلف پريس ڪانفرنس پڻ ڪري چڪو آهيان ۽ خط لکي چڪو آهيان  پر ڪابه موٽ نه ملي. وڏي وزير چيو ته هاڻي مون طئي ڪيو آهي ته جيڪو ڪجهه به لکندس اهو هتي اسيمبلي ۾ سڀني جي آڏو رکندس ته جيئن سڀني ميمبرن کي خبر هجڻ گهرجي ته ايئن ته ڪم نه هلندو جو اسان ڳالهايون به نه. اڄ مون هڪ اجلاس سڏرايو هو جنهن ۾ توانائي وارو وزير به هو. توانائي سي سي آءِ جو سبجيٽ آهي فيڊرل ليجسليٽيو پارٽ 2 سبجيٽ آهي جنهن تي فيڊرل جيڪو آهي انڊيڪيٽ پاور جنريشن بڻائي ڇڏي. جنهن جو صوبن کي علم ۾ آڻڻ ضروري نه سمجهيو ويو. انهن جڏهن ان کي نيپرا ۾ اماڻيو ته نيپرا چيو ته اهو اوهان جو ڪم نه آهي هي سي سي آءِ جو ڪم آهي. هاڻي هتي جيڪي گورنمنٽ ادارا آهن اهو انهن کي سمجهائي رهيا آهن ته آئين ۾ ڇا لکيل آهي. آئون ميمبر کي فقط اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ صوبي سان ۽ سڄي صوبن سان ۽ باقي ٽي صوبا ان تي ڪجهه نٿا ڳالهائڻ چاهين ته آئون ڇا چوان ؟ مون اوهان کي ٻڌايو هو ته وري ٻيهر چوان ٿو ته اجلاس جيڪو اين اي سي جو ٿيو هو، اين اي سي جا گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ ٻه اجلاس ٿيڻا آهن گذريل مالي سال ۾ هڪ ٿيو هو جيڪو اپريل جي آخر يا مئي جي شروع ۾ ٿيو ان ڪري بجيٽ کان پهرين اها ميٽنگ ڪرڻ ضروري هئي ۽ ان اجلاس مان وزيراعظم اٿي هليو ويو هو جنهن تي ٻين وڏن وزيرن مونکي چيو ته اسان ته ڳالهائي نٿا سگهون اوهين اسان جو ڪيس وڙهو، آئون سڀني کي درخواست ڪندس ته جنهن جي جيستائين پهچ آهي ڪوشش ڪري. وڏي وزير چيو ته آئون لکندو رهندس ۽ اسيمبلي کي ٻڌائيندو رهندس . مون ٻه درجن خط لکيا آهن ۽ آئون اسيمبلي کي به ٻڌائي رهيو آهيان ته مونکي اوهان جي مدد جي ضرورت آهي. گذريل ڏينهن جيڪا قرارداد پاس ٿي آهي اها وفاق وٽ پهچي وئي آهي. سي پيڪ بابت وڏي وزير اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته سي پيڪ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شروع ڪيو هو جڏهن مئي 2013 ۾ چائنيز وزيراعظم پاڪستان آيو هو ته معاهدي تي صحيحون ٿيون جنهن کي گذريل حڪومت سٺي رفتار سان ڪم ڪيو. چائنيز صدر جڏهن پاڪستان اچڻا هئا ته کيس آمد ۾ دير ٿي جنهن تي ٻيهر ڳالهائڻ نه ٿو چاهيان. هن چيو ته هن وقت ته سي پيڪ کي بلڪل بند ڪيو ويو آهي پر وفاقي وزير پلاننگ کي ٽيليوزن تي اچي چوڻو پيو ته اسان ڪم نه روڪيو آهي پر ان تي وڌيڪ ڪم ڪريون پيا. بعد ۾ خبر پوي ٿي ته اوچتو وزيراعظم جي وڃڻ کان پهرين هڪ آرڊيننس نڪرندو آهي ته هڪ اٿارٽي بڻجي وئي آهي جنهن جي مونکي ڪمپوزيشن خبر آهي ، هينئر تائين نه ڏسي سگهيو آهيان جيڪڏهن ان ۾ به صوبن سان ناانصافي ڪئي وئي ته اهو به معاملو ضرور اٿاريندس ايئن بلڪل نه ٿيندو آهي جو صوبن کي بلڪل کي الڳ ڪري ڇڏجي، اسان وٽ وفاقي سسٽم آهي جنهن سان چارئي صوبا سلهاڙيل آهن جيڪي به مسئلا آهن گڏجي حل ڪرڻا آهن. مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پرڏيهي ملڪن جي دوري تي ڪير پيو وڃي ڪير نه مونکي ڪابه خبر نه هوندي آهي . ٻڌو آهي ته وزيراعظم ڪوئلي جي رٿائن تي به ڳالهائيندو. هن چيو ته اسان کي نه ٻڌائي اوهان ملڪ کي ترقي ڏانهن نه پيا وٺي وڃون بلڪه اڃان ان کي پوئتي وٺي پيا وڃون. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي ۾ نند ڪمار گوڪلاڻي اقليتن جي تحفظ لاءِ بل پيش ڪيو جيڪو ايوان رد ڪري ڇڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں