اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم تي مولانا فضل الرحمان جي سياسي مقصد وڌيڪ عيان ٿيڻ گهرجن، هو پنهنجي احتجاج لاءِ هاڻ 27 آڪٽوبر جي تاريخ نه بدلائي.تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهو اچي وئي. هن اهم اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ مخالف ڌر جي احتجاج تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي ٻڏندڙ سياست کي بچائي رهيو آهي. حڪومت مدرسن ۾ ريفارمز آڻي رهي آهي جنهن جي مولانا کي فڪر آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته مدرسن جي اصلاحات تي مولانا وڌيڪ پريشان آهي. مدرسن ۾اصلاحات سان طالب اهڙن سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال نه ٿي سگهندا. هن چيو ته عوام جي جان مال جو تحفظ يقني بڻايو ويندو، احتساب تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي ذريعن موجب اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن چيو ته مولانا فضل الرحمان هاڻ 27 آڪٽوبر جي تاريخ نه بدلائي ۽ اسلام آباد اچي وڃي. قوم تي به مولانا جا سياسي مقصد واضح ٿيڻ گهرجن. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آزادي مارچ کي روڪڻ جي پهرين ذميواري صوبن جي آهي. اسلام آباد ۾ ايندا ته پوءِ اسان ڏسنداسين. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ممڪنه لاڪ ڊائون جي باري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز شاهه جو چوڻ هو ته ان باري ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو بيان ته توهان ٻڌو هوندو. ريڊ زون جي ڳالهه ڪئي وڃي ته هتي قلم 144 لاڳو آهي. هتي ڪنهن کي داخل ٿيڻ نه ڏينداسين. وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه ٻڌايو ته پهرين پوليس ئي مارچ کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندي. آخري آپشن فوج هوندو. هن واضح ڪيو ته جيڪو به قانون هٿ ۾ کڻندو، ان کي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟