حڪومت جو وڌيڪ رهڻ ملڪي مفاد ۾ ناهي، سياسي پارٽين وٽ روڊن تي نڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي :آصف زرداري/ بلاول ڀٽو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) آصف زرداري مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي ڪاميابي جي دعا ڪئي آهي. بلاول ڀٽو چيو آهي ته شڪ ٿيو ته مولانا فضل الرحمان ڪنهن جي اشاري تي هلي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي پنهجي حمايت واپس وٺندي. اسلام آباد  جي احتساب عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ، آصفه ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو سوڌو پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ملاقاتون ڪيون. ڪيتري ئي دير تائين جاري ملاقات دوران آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا.اُن موقعي تي صحافي سوال ڪيو ويو ته مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي حوالي سان توهان ڇا چوندئو؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته انشاءَ الله اسان جون دعائون ساڻس (مولانا فضل الرحمان سان) گڏ آهن. تاجر برادري جي آرمي چيف سان ملاقات تي ڳالهائيندي چيو ته ڪاروباري طبقو آرمي چيف سان ملاقات ۾ روئي رهيو آهي، آصف زرداري چيو ته ڪاروباري برادري وزيراعظم جي شڪايت ان سان ڪري رهي آهي جن کيس وزيراعظم بڻايو، جڏهن ان کان سوال ڪيو ويو ته نيب جي چيئرمين جي مقرري تي پڇتاءُ ٿي رهيو آهي ان تي اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته شاهد خاقان عباسي نيب چيئرمين جي مقرري تي معافي وٺي چڪو آهي، ڳالهه ٻولهه دوران آصف زرداري کان صحافي سوال ڪيو ته ٻڌو آهي ته اسٽبلشمينٽ سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته معافي تلافي ڪئي وڃي جنهن تي اڳوڻي صدر چيو ته معافي اهي گهرندا، هن چيو ته مولانا منهنجو دوست آهي پر سياست چيئرمين بلاول ڀٽو کي ڪرڻي آهي، مولانا فضل رحمان جي پنهنجي پارٽي ۽ سياست آهي، اسان جي دوستي هميشه رهندي. آصف زرداري چيو ته سڀني پارٽين کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ پوندي حڪومت جو وڌيڪ رهڻ ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ ناهي. ٻئي طرف  اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ۽ موجوده سياسي صورتحال تي صلاح مشورن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهايو. ان موقعي تي هُن چيو ته سندن پارٽي ڌرڻي کانسواءِ هر سطح تي مولانا فضل الرحمان سان گڏ هوندي، پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته مولانا فضل الرحمان جي ڪهڙي طريقي سان حمايت ڪئي وڃي، پر جيڪڏهن شڪ ٿيو ته مولانا فضل الرحمان ڪنهن قوت جي اشاري تي هلي رهيو آهي ته پنهنجي حمايت واپس وٺنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي خواهش هئي ته گڏيل حڪمت عملي سان جلسو يا جلوس ڪيو وڃي، مولانا فضل الرحمان مارچ جو اعلان ڪيو آهي، ڪارڪن به چئي رهيا آهن ته حڪومت مان ڪڏهن جان ڇڏائيندئو؟ پيپلز پارٽي عوام جي مشڪلاتن لاءِ آواز اٿاريندي ۽ ڪابه طاقت سندن رستو نٿي روڪي سگهي. سنڌ حڪومت کي خطرو هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ سندن حڪومت تي حملي جي ڪوشش ڪئي ويندي، پر اُهي ڪامياب نٿا ٿي سگهن. هو ظلم برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر جمهوريت ۽ 18هين ترميم تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. هي ڪوڙي ۽ منافقن جي حڪومت آهي، موجوده حڪومت پارليامينٽ کي بي اثر ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن به اهڙي قدم جي حمايت نه ڪئي ويندي، جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزير اعظم پارليامينٽ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، سياسي پارتين وٽ روڊن تي نڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. سندس چوڻ هو ته اسان حڪومت جا ظلم سهڻ ۽ دٻاءُ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر ان جي باوجود اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو، پ پ وفاقي حڪومت کي صوبن جا حق مارڻ جي اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته هڪ سال جي عرصي ۾ عمران خان بي نقاب ٿي چڪو آهي جنهن نه رڳو پنهنجي هر سياسي مخالف کي جيل ۾ وڌو آهي پر انهن جي گهر جي عورتن کي به قيد ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته وزير اعظم چوندو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏينداسين ان جي بدران نوجوانن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو، 50 هزار گهر بڻائڻ جي دعويٰ ڪندڙن هڪ گهر به ناهي اڏيو. هن چيو ته عوام مهانگائي سبب اذيت ۾ مبتلا آهي پر جمهوري قوتون انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن صورتحال ايستائين پهچي چڪي آهي جو واپاري طبقو پنهنجا مسئلا کڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تائين وڃي پهتو. هن اميد ظاهر ڪئي ته واپارين جا مسئلا حل ٿي ويندا پر ان مان اِهو غلط مثال قائم ٿي رهيو آهي ته سڀاڻي هر ڪو پنهنجن ننڍن ننڍن مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ سان رابطو ڪرڻ بدران جي ايڇ ڪيو سان رابطو ڪندو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته دفاعي ۽ ڳجهن ادارن جو ڪم ملڪ جي خلاف سازشن کي ٽوڙڻ آهي پر جيڪڏهن وزير اعظم کيس اليڪشن سنڀالڻ، معيشت سنڀالڻ ۽ پرڏيهي پاليسي جي ذميواري ڏيندو ته سرحدن جو تحفظ ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪير ڪندو جيڪو نهايت ضروري آهي ان ڪري ضروري آهي ته هر ادارو پنهنجي ڊُمين ۾ رهي ۽ پنهنجو ڪم ڪري جيئن عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن. پ پ چيئرمين وزير اعظم تي پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو ته جنهن پارليامينٽ ۾ عوام جا مسئلا حل نه ٿين ان تي ڳالهه ٻولهه نه ٿئي، عوامي نمائندن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا ويندا ته ان سان جمهوري قوتون پارليمان بدران روڊن تي اچڻ تي مجبور ٿينديون. هن چيو ته سمورين مخالف ڌرين جو هڪ ئي مطالبو آهي ته اِها ڌانڌلي ورتل حڪومت آهي جنهن کي گهر وڃڻو پوندو ۽ جيستائين مولانا فضل الرحمان جي 27 آڪٽوبر جي ڌرڻي ڳالهه آهي ته پ پ پ پارتي اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته مولانا سان ڪهڙي قسم جو سهڪار ڪرڻو آهي. هن ٻڌايو ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن جو ارادو هو ته گڏجي هڪ گڏيل جلسي جو اعلان ڪيو وڃي پر مولانا جي احتجاج جي حمايت لاءِ ڳالهيون ڪنداسين. بلاول ڀٽو چيو ته سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽرن کي تڪيلف آهي ته پ پ انهن جو آڏو بيٺل آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں