هراري ٽه ملڪي سيريز شاهينن زمبابوي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، زمبابوي سيريز کان آئوٽ

هراري (اسپورٽس نيوز) ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سريز جي چوٿين ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ زمبابوي طرفان مليل 163 رنسن جي ٽارگيٽ پٺيان ڊوڙنديقومي ٽيم 19 ڏهائي 1 اور ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان طرفان اوپنر فخر زمان 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو ٻين رانديگرن ۾حسين طلعت 44، حارث سهيل 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪپتان سرفراز احمد 38 ۽ شعيب ملڪ 12 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا ان کان اڳ سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ميزبان زمبابوي محتاط انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي، سلومن مائز 94 رنسون ٺاهي اڳڀرو رهيو ٻين رانديگرن ۾ مساڪنڊا33، زووائي 24 ۽ ڪپتان هيملٽڻ مساڪدزا 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 20 اورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنسون ٺاهي سگهيم گرين شرٽس طرفان محمد عامر، حسين طلعت، فهيم اشرف ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. زمبابوي خلاف ميچ ۾ قومي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آل رائونڊر محمد حفيظ جي جاءِ تي حارث سهيل ۽ عثمان شنوري جي جاءِ محمد عامر کي شامل ڪيو ويو. ٻئي طرف ميزبان زمبابوي ناڪ آئوٽ، فائنل پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 8 جولاءِ تي کيڏيو ويندو

اپنا تبصرہ بھیجیں