نيويارڪ(م ڊ) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين سان جهڙو ظلم ڪيو پيو وڃي، اهڙو ظلم مونسان ٿئي ته مان به هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿيندس. ڀارت کي ڪرفيو هٽائڻو پوندو، جنگ جي صورت ۾ ڪو به آپشن نه بچندو پر ان جو اثر دنيا تي به پوندو. وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي والاريل ڪشمير ۾ ظلمن ۽ ڀارت جو ڪڌو چهرو وائکو ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سمورن انتهاپسندن گروپس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومن کي درخواست ڪيان ٿو ته پنهنجو مشن پاڪستان اماڻي چيڪ ڪري. عمران خان چيو ته ڀارت سلامي ڪائونسل جي 11 ٺهرائن کي پٺي ڏيندي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي ۽ واڌو فوج اماڻي. ڀارت ڪرفيو لڳائي 80 لک ڪشميرين کي واڙي رکيو آهي، دنيا کي ڀارت جو اصلي ۽ ڪڌو چهرو ڏيکارينداسين ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم وائکا ڪنداسين. عمران خان چيو ته نريندر مودي چونڊ مهم ۾ ” اهو ته ٽريلر آهي، پڪچر اڃا رهيل آهي، پاڪستان کي سبق سيکاريندس“ جهڙا لفظ استعمال ڪيا. هن چيو ته نريندر مودي جو آر ايس ايس جو ميمبر آهي، اها تنظيم هلٽر مان متاثر ٿي ٺاهي وئي ۽ آر ايس ايس مسلمانن ۽ عيسائين سان نسل پرستي تي يقين رکي ٿي ۽ ڀارت مان مسلمانن جو خاتمو چاهي ٿي. گجرات جو وڏو وزير هئڻ دوران نريندر مودي آر ايس ايس جي ماڻهن کي مسلمانن جي قتلام لاءِ موڪليو. عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 80لک ماڻهن کي جانورن جيان واڙيو ويو آهي، اهو ناهي سوچيو ويو ته ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻ بعد ڇا ٿيندو، رتوڇاڻ ٿيندي، عوام رستن تي ايندو ته فوج انهن تي گوليون هلائيندي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 11 هزار عورتن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، اهڙي صورتحال مان جيڪڏهن مان گذرندس ته مان به هٿيار کڻي سگهان ٿو. عمران خان چيو ته دنيا ڪشمير جي حالتن بابت ڄاڻ هئڻ باوجود ڪجهه ناهي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڀارت هڪ ارب کان وڌيڪ جي مارڪيٽ آهي. عمران خان چيو ته عالمي برادري مداخلت نه ڪئي ته 2 ايٽمي ملڪ آمهون سامهون ٿيندا، اهڙي صورتحال ۾ گڏيل قومن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ ٿئي ٿي ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، هي گڏيل قومن جي آزمائش جو وقت آهي، ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏياريو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت کي ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻو پوندو، ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو. قيد سمورن ڪشميرين کي آزاد ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته غريب ملڪن کي اشرافيه طبقو لٽي رهيو آهي، ڪرپٽ حڪمرانن کي لٽيل رقم پرڏيهي بئنڪن ۾ رکڻ کان روڪيو وڃي اسان جي ملڪ جو 10 سالن ۾ قرض چئوڻو ٿي ويو غريب ملڪن جا اربين ڊالر امير ملڪن ۾ منتقل ڪيا ويندا آهن مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي متاثر 10 ملڪن مان آهي ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ اسلام فوبيا خطرناڪ حد تائين ڦهلجي وئي ڪجهه اولهه جي اڳواڻن اسلام کي دهشتگردي سان ڳنڍيو بنيا پرست يا دهشتگرد اسلام ڪجهه ناهي هوندي.نائن اليون کان اڳ تامل ٽائيگرز دهشتگرد حملا ڪيا جيڪي هندو هئا پر هندو ازم کي دهشتگرد نه چيو ويو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟