قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري گهر ڀيڙو، اليڪشن ٽربيونل ڪاميابي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي

0Shares

ڪوئٽا (م ڊ) اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 265 تان ڪاميابي ماڻيندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.قاسم سوري جي چونڊن ۾ ڪاميابي کي نوابزادا لشڪري رئيساڻي چئلينج ڪيو هو ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي. واضح رهي ته لشڪري رئيساڻي انهن  5 اميدوارن مان هڪ هو جن اين اي 265 تان چونڊن ۾ حصو ورتو هو پر هنن کي قاسم سوري هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. بلوچستان نيشنل پارٽي جي اميدوار طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقت اختيار ڪيو ويو هو ته اين اي 265 جي چونڊ ۾ گڏيل طور تي هڪ لک 14 هزار ووٽ وڌا ويا جنهن مان 65 هزار ووٽ غلط هئا، درخواست ۾ اعتراض واريو ويو هو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي ڇو جو 65 هزار جعلي ووٽن جي تصديق نه ٿي سگھي. ان درخواست تي جسٽس عبدالله بلوچ جي سربراهي ۾ اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ 14 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو ٻڌايو ويو. اليڪشن ٽربيونل اين اي 265 ڪوئٽا ٽو تان قاسم سوري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو ۽ تڪ ۾ ٻيهر چونڊن جو حڪم به جاري ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ درخواست گذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ محمد رياض چيو ته ٽريبيونل جي فيصلي کان پوءِ قاسم سوري قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ٽربيونل قاسم سوري جي ڪاميابي جي نوٽفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي آئين ۽ قانن موجب تڪ ۾ ٻيهر چونڊن جو حڪم ڏنو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں