ميران شاهه(م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي قبائلي عوام دهشتگردن جي سهولتڪارن ۽ معاونت ڪارن کان هوشيار رهن. آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف خيبرپختونخواهه جي ضل ميرانشاهه جو دورو ڪيو. دوري دوران هن قبائلي عمائدين سان ملاقات ڪئي ۽ خطاب ڪيو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد تي خاردار تارون لڳائڻ سان دهشگردن جي آمد رفت گهٽ ٿي آهي. پاڪستان ۾ مستقل امن افغان امن سان جڙيل آهي. اتي مستقل امن جي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڇو ته افغانستان اسان جو برادر اسلامي پاڙيسري ملڪ آهي. جيترو پاڪستان ۾ امن جي خواهشمند آهي اوترو ئي افغانستان ۾ آهي. قبائلي عمائدين سان خطاب ۾ هن چيو ته عمائدين پنهنجي نوجوانن جي رهنمائي ڪندا آهن. بزرگن جو تجربو ۽ دانش ۽ نوجوانن جي صلاحيتون ۽ انهن جي توانائي ڪاميابي جو فارمولو آهي. قبائلي عوام دهشتگردن جي سهولت ۽ معاونت ڪارن کان هوشيار رهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته اهي عناصر پرامن شهرين جي وچ ۾ رهي دشمن قوتن جي ايجنڊا تي ڪم ڪندا آهن. انهن عناصرن کي طاقت جي ذريعي دٻائڻ مشڪل ڪم ناهي. سيڪيورٽي فورسز جي شهادتن جي باوجود اسان نٿا چاهيون ته انهن عناصرن سان نمٽڻ دوران عام شهري متاثر ٿين. گڏيل تعاون سان اهڙن دهشتگردن کي شڪست ڏئي سگهون ٿا. آرمي چيف جو چوڻ هو ته قبائلي علائقن ۾ ٿيندڙ ترقياتي منصوبن جي بروقت تڪميل سان امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي جو نئون دور شروع ٿيندو. آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات دوران قبائلي عمائدين آرمي چيف کي قبائلي علائقن ۾ وڌيڪ ترقياتي منصوبن سان گڏ ٻين منصوبن جي جلد مڪمل ٿيڻ جي درخواست ڪئي. جڏهن ته قبائلي عمائدين آرمي چيف کي سيڪيورٽي جو ماحول بهتر رکڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون جي يقين دهاني ڪرائي آهي.06
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟