سليڪٽيڊ حڪومت قبول ناهي، وفاق ڪراچي تي قبضو جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو

0Shares

نئون ديرو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ ڊاڪٽرن مٿان پوليس جي وحشياڻي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پرامن احتجاج هر شھري جو حق آھي. مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ مظا  مٿان طاقت جو استعمال ڪرڻ قابل مذمت آهي. پشاور ۾ پرامن ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي خلاف  پوليس گردي ڪرڻ وارا حڪومت ڪرڻ جي لائق ئي نه آهن. اسپتال اندر آنسو گئس جي شيلنگ ڪرڻ وارا ڪهڙي منهن سان رياست مدينه جون ڳالهيون ڪندا آھن. حق جي ڳالھ ڪرڻ وارن سان دھشتگردن جهڙو ورتاءُ ڪرڻ سليڪٽيڊ حڪمرانن جي سڃاڻپ بڻجي وئي آھي. جمهوري روايتن ۽ قدرن کان بي خبر حڪمران هر مخالف جي آواز کي پوليس گردي ۽ نيب گردي ذريعي دٻائڻ چاهين ٿا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي عهديدارن، ورڪرن ۽ چونڊيل نمائندن ۽ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جي نوجوان عهديدارن، ورڪرن سميت منيارٽي ونگ، ليبر ونگ، هاري ڪاميٽي، ڊاڪٽرز فورم، ليبر فورم سميت ذيلي تنظيمن سان نئون ديرو هائوس ۾ ڌار – ڌار گڏجاڻيون ڪيون. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن پاران ڏنل تجويزن ۽ شڪايتن کي غور سان ٻڌو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هاڻي لاڙڪاڻي مان جواب اچڻ گهرجي ته اسان کي سليڪٽيڊ حڪومت قبول نه آهي. پيپلز پارٽي غربت جوخاتمو آڻيندي آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي غريب جو خاتمو چاهين ٿا. اسان ملڪ ۾ جمهوريت چاهيون ٿا. پيپلز پارٽي جمهوريت خاطر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي قرباني ڏني. اسان جو قصور اهو آهي ته اسان عوام کي طاقتور بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان جي حڪومت پينشن ۾ اضافو ڪيو، فوجي جوانن ۽ پوليس سميت ٻين سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو. لاڙڪاڻو جو عوام جميل سومرو کي ڪامياب ڪري ڇاڪاڻ جو هو پيپلز پارٽيءَ جو اميدوار آهي. ليڊيز ونگ سان گڏجاڻيءَ دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مخاطب ٿيندي چيو ته پارٽيءَ اندر عورت ڪارڪنن جو اهم ڪردار آهي جيڪي گهر گهر وڃي پارٽيءَ جو پيغام گهرن اندر عورتن کي پهچائين ٿيون. پي ايس 11 تي ننڍي چونڊ ۾ وڌ کان وڌ عورتن کي ٻاهر اچي ووٽ ڪرڻ جو پيغام ڏنو وڃي ته جيئن پي ايس 11 تي پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار جميل سومرو کي سئو سيڪڙو رزلٽ سان ڪامياب ڪرايون. هوڏانهن پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جي نوجوان عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪرڻ دوران ڳالهائيندي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ وڌيڪ چيو ته اسان جي پارٽيءَ مان نڪري اسان جا ئي مخالف ٿي بيٺا آهن ۽ اسان جي مخالفت ۾ اليڪشن لڙن ٿا. هنن کي ڪو به نه سڃاڻي ان ڪري هو شهيد بي بي جون تصويرون ۽ نالو استعمال ڪن ٿا. اهي سڀ پي ٽي آءِ جا حامي آهن جيڪي جي ڊي اي جي روپ ۾ آيا آهن. اوهان يوٿ جا نوجوان منهنجي پارٽيءَ جا بازو آهيو. مون کي اوهان تي تمام گهڻو ڀروسو آهي. جيئن اوهان گهوٽڪيءَ جي اليڪشن ۾ مخالفن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ايئن ئي پي ايس 11 تي پ پ اميدوار جميل سومرو کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ محنت ڪريو. عمران حڪومت ۾ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي جنهن سبب غريب ماڻهو ٻه ويلا مانيءَ لاءِ به پريشان آهن. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت ۽ ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. 2018ع واري اليڪشن ۾ 10 پارٽين سان گڏجي ڌانڌلي ڪري اسان کي هارايو ويو ۽ هاڻ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي برداشت نه ڪنداسين ۽ اسين پنهنجي پراڻي سيٽ کٽي مخالفن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هوڏانهن بعد ۾ منيارٽي ونگ ۽ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان به ڌار ڌار گڏجاڻيون ڪيون. منيارٽي ونگ سان گڏجاڻيءَ دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کان لاڙڪاڻي جي هندو برادري مطالبا ڪيا ته آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙۡڪاڻي ۾ قتل ڪيل نياڻي ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي واري واقعي جي جاچ هاءِ ڪورٽ جي جج کان ڪرائي وڃي، اقليتي برادريءَ لاءِ لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ شيلٽر هوم قائم ڪرائي ڏنو وڃي. هندو نياڻين کي ٻاهرين ملڪن لاءِ اسڪالرشپ نٿي ڏني وڃي جيڪا چونڊيل نمائندا کائي وڃن ٿا. اها به اسان کي ڏياري وڃي. مذهب مٽائڻ واري آرڊيننس تي عمل نٿو ٿئي. سنڌ حڪومت کي ان تي به عمل ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي. ان موقعي تي منيارٽي ونگ پاران گهوٽڪيءَ ۾ مندر تي ٿيل حملي بابت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تفصيل پيش ڪيا. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ جلد شيلٽر هوم قائم ڪرائي ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ان موقعي تي پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، ڊويزن لاڙڪاڻي جو صدر اعجاز جکراڻي، ايم اين اي رميش لال، عاجز ڌامراھ، پي ايس 11 جو اميدوار جميل سومرو، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو سميت ليڊيز اڳواڻن مان اڳوڻي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو، پرھ سڪينه گاد، بشيران موهل، يوٿ سنڌ جو صدر جاويد ناياب لغاري، مهراڻ ناريجو، توفيق ڀٽو، مهراڻ خاصخيلي، منصور سومرو، مسرور راڄپر، شعيب مرزا، عمران جتوئي، ظهير ناريجو، سپاف اڳواڻ منصور شاهاڻي، وقار ڀٽو، عبدالرحمان موريو ۽ منيارٽي ونگ مان ڊاڪٽر ڌرمپال، ڊاڪٽر ولي رام، نول راءِ، هريش ڪمار، جئه گل، نانڪ رام بجاج سميت ليبر ونگ، ڊاڪٽر فورم جا اڳواڻ پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ سليڪٽيڊ لفظ تي پابندي هڻندڙ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پنهنجي ئي سيٽ کان محروم ٿي ويو آهي. قاسم سوريءَ جي چونڊ تڪ ۾ 65 هزار ووٽن جي تصديق نه ٿي سگهي. سچ کي دٻائي نٿو سگهجي. تمام جلد سليڪٽيڊ ماڻهن کي گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو. ٻئي پاسي گهوٽڪيءَ ۾ ٻن گروپن ۾ ٿيل جهيڙي دوران قتل ٿيل پ پ اڳواڻ نظير ڀٽو جي ڀيڻيوي جي قتل واقعي تي گهري ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور قانون جي گرفت ۾ آندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں