اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي اقليتي اسيمبلي ميمبرن گهوٽڪي واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گهوٽڪي ۾ هندن جي عبادتگاهن ۽ مزارن تي حملا پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي جيڪڏهن تحفظ نٿو ڏنو وڃي ته آرڊيننس پاس ڪري چيو وڃي ته سمورا هندو مسلمان بڻجي وڃو اڱاري تي قومي اسيمببلي ۾ اعراض واري نقطي تي خيالن جو اظهار ڪندي نفيسه شاهه چيو ته100 کان وڌيڪ آئيني ترميمون اڄوڪي ايجنڊا ۾ شامل آهن هن چيو ته قانون وارو وزير آرٽيڪل 149 جي ڳالهه ڪري ڏڦيڙ پکيڙي رهيو آهي قانون وارو وزير ايوان کي انهن آئيني ترميمن تي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هي بل پرائويٽ ميمبمر ڊي تي آيو آهي مان ان کي روڪي نٿو سگهان علي محمد خان وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن هي بل ڪميٽي ۾ به وڃي ته اتي اڳڀرائي ٿي ويندي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اياز صادق چيو ته قانون بابت قائمه ڪميٽي جا ٻه ميمبر خواجه سعد رفيق ۽ رانا ثناءُالله تي به گاڏي موڪلي گهرايو وڃي اياز صادق چيو ته ميمبرن جي ڪميٽي ۾ تعداد پورو هوندو ته بهتر ڪم ٿي سگهندو اسپيڪر اياز صادق کي جواب ڏنو ته اوهان جو پوائنٽ اچي ويو آهي احسن اقبال چيو ته اسان کي پوائنٽ تي ئي نه رکو رولنگ به ڏيو اسد قيصر چيو ته مان قانوني مشاورت ڪري ورتي آهي رولنگ لکي رهيو آهيان خواجه آصف اعتراض واري نقطي تي چيو ته گهوٽڪي اندر ٻن ڏينهن کان جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن ان سان هندو ڪميونٽي جي ڳڻتي وڌي رهي آهي هن چيو ته گهوٽڪي ۾ هندن کي هيسايو پيو وڃي هن چيو ته سنڌ حڪومت هندن جي عبادتگاهن کي سيڪيورٽي ڏني آهي هن چيو ته هن ايوان ۾ ان معاملي تي اسان جا هندو ميمبرن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي هن چيو ته هن ايوان مان اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته سڄي قوم انهن سان گڏ آهي خواجه آصف جي تجويز تي اسپيڪر گهوٽڪي واقعي تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي علي محمد خان چيو ته خواجه آصف جي ڳالهه سان اتفاق ڪيان ٿو سنڌ حڪومت ضرور ان معاملي تي ڪم ڪندي هوندي انساني حقن جي وزارت به ان تي ڪم ڪري رهي آهي گهوٽڪي واقعي تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ۾ حصو وٺندي حڪومتي ميمبر جي ڪمار اڪراڻي چيو ته گهوٽڪي ۾ جيڪو ماڻهو سمورا ڪم ڪري رهيو آهي اهو اڃا تائين گرفتار ناهي ٿيو هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ گهرو وزير کان گهر ڪيان ٿو ته ان ماڻهو کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي هن چيو ته جيئن ئي مندر تي حملو ٿيو مان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان رابطو ڪيو گورنر ڊي جي رينجرز سان ڳالهايو ڊاڪتر درشن چيو ته گهوٽڪي ۾ هندن جي عبادتگاهن ۽ مزارن تي حملا ڪيا ويا هي حملا پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي ڊاڪٽر درشن چيو ته جيڪڏهن تحفظ نٿو ڏنو وڃي ته آرڊيننس پاس ڪري چئو ته سڀ هندو مسلمان ٿي وڃو ڊاڪٽر درشن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ اهڙا واقعا ڇو نٿا ٿين لال چند چيو ته هڪ ٽيچر تي توهين جو الزام مڙهيو ويو جيڪو 20 سالن کان ٻارڙن کي تعليم ڏيئي رهيو آهي سنڌ حڪومت ڪيس داخل ڪري دعويٰ ڪئي ته 260 ماڻهو ملوث آهن لال چند چيو ته ايترن ماڻهن جي ملوث هئڻ جي باوجود صرف ڪجهه ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن کيئل داس ڪوهستاني چيو ته گذريل چئن مهينن دوران 25 کان وڌيڪ هندو ٻارڙيون اغوا ٿيون پر اڃا تائين آزاد ناهن ٿيون گهوٽڪي ۾ چند ماڻهو آهن کين گرفتار ڪيو وڃي ته امن ٿي ويندو اسپيڪر چيو ته گذريل رات گهوٽڪي ۾ سڄي رات ماڻهن جاڳي گذاري ۽ هندو ڀائرن جو تحفظ ڪيو. وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته نيب مرادعلي شآهه کي گهرايو ته هو اسيمبلي ۾ بلاول جو بيان ورجائي ٿو مراد علي شاهه چيو ته وفاق به نه بچندو، وفاق بچندو پر اوهان جي سياست نه بچندي هن چيو ته سيوهڻ ۾ ڌماڪو ٿيو ته اوهان جي تڪ ۾ اسپتال به نه هئي ماڻهن کي کڻڻ لاءِ اسٽريچر نه هئا عبدالقادر پٽيل چيو ته مراد سعيد جي ذهن تي ڳرن اثرن جي جملي کي اسپيڪر ڪارروائي مان ختم ڪرائي ڇڏيو مراد سعيد جيڪا ڳالهه ڪئي اها تحمل سان به ڪري سگهجي پر پر هو ان جي مسلسل رڙين مان اندازو ٿيو ته ذهن تي ماضي جا وڏا اثر آهن عبدالقادر پٽيل جي جملي تي حڪومتي ميمبرن گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو عبدالقادر پٽيل چيو ته جيڪڏهن مون کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو ته مان هن ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيندس هن چيو ته اسان جي وزيراعظم مودي کي چيو ته را کي پاڪستان ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيان هن چيو ته ڀارت خلا ۾ ناڪام ٿيو ته هتي جهمريون هڻي رهيا هئا پر پاڪستان ۾ خلائي مخلوق ناڪام ٿي ويئي. علي زيدي جي خطاب جي وقت پ پ پ جي شاهده رحماني جي ڪورم جي نشاندهي، ميمبرن جي ڳڻپ تي ڪورم ٽٽي پيو جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي مراد سعيد چيو ته وفاق بچي ويندو پر انهن جي سياست ختم ٿي ويندي ڪراچي جي ترقي تي لڳڻ وارا پئسا مني لانڊرنگ ۾لڳايا ويا شهر کي ڪچرا ڪنڊي بڻائڻ جو ازالو ڪرڻو پوندو بلاول جو بيان سمجهه کان ٻاهر آهي سنڌ سڀ کان وڌيڪ غربت جو شڪار آهي عبدالقادر پٽيل چيو ته پهرين ڪراچي کي آرٽيڪل اي ڪي 47 کان آزاد ڪرايو هاڻي جديد دور جو شريف الدين پيرزادو آرٽيڪل 149 کڻي آيو حڪومت صرف پوائنٽ اسڪورنگ ڪري ٿي برطانيا نيوٽن ڏنو اسان وٽ يوٽرن آهي پ پ سنڌ جي قومپرستن جو رستو روڪي آيو ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جو خواب متحده باني ڏٺو هو ڪراچي جي ڪچري تي ادارن جو جهيڙو آهي چيو ويو ته سنڌ حڪومت جو تختو اونڌو ڪنداسين عمران جڏهن تاريخ تي ڳالهائي ٿو ته تاريخدان مٿو جعلي ويهي رهندا آهن عمران چو ٿو ته ان کي فخر آهي ته هو يوٽرن جو وزيراعظم آهي هن چيو ته اوهان کي هوشو ۽ هيمون سان پانڌ نه اٽڪي شال مري وينداسين پر سنڌ کي الڳ ٿيڻ نه ڏينداسين.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟