سنڌ ٽٽڻ جو خواب ڏسندڙ پاڻ تباهه ۽ برباد ٿي ويندا: وڏو وزير

0Shares

سيوھڻ   (ن  ھ) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اڳوڻي ايم پي اي ۽ سنڌ بلوچسان جي شخصيت سيد غلام شاهه جيلاني جي لاڏاڻي تي تعزيت لاء  مختصر دوري تي  نئيگ شريف پهچي ويو  تفصيل موجب سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد عليٰ شاههسنڌ بلوچستان جي ممتاز شخصيت پير آف نئينگ شريف جي اوچتي وڇوڙي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ مختصر دوري تي  ھيليڪاپٽر وسيلي ڪراچي کان نئنگ پهتو جتي ھن سيد غلام شاهه جيلاني جي فرزندن سيد صالح محمد شاهه ۽ سيد احمدعلي شاهه سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ خلاف ھر سازش  کي ناڪام ڪنداسين ھي سازش ٻه مهينا اڳ جوڙي وئي  ھن  چيو ته سنڌ ورھائڻ وارن کي اسان پهرين ئي وائکو ڪيو  سنڌ هڪ آھي ۽ هڪ ئي رهندي هن چيو ته غلام شاه جيلاني پنج ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان جا هزارين معتقد سنڌن وڇوڙي تي غمزده آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو  ته سنڌ جي ورهاست جو ڪوڙو خواب ڏسڻ وارن جو ٻه مهينا اڳ سنڌ اسيمبلي جي فلور تي مون ئي پردو کنيو هو،جيستيائين ڌرتي آهي تيستائين سنڌ متحد ۽ هڪ رهندی۽ جيڪي ماڻهو سنڌ ٽٽڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن اهي پاڻ نيست ۽ نابود ٿي ويندا.03

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں