اسلام آباد (بيورو) قانون واري وزير فروغ نسيم ڪرپشن ڪندڙن لاءِ جيلن ۾ سهولتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نيب جنهن جوابدار تي 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جو الزام مڙهيندو ان کي جيل ۾ صرف ۽ صرف سي ڪلاس ملندو مفادن جي ٽڪراءُ بابت ۽ ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي آرڊيننس به آڻي رهيا آهيون اورسيز پاڪستانين جي ملڪيتن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ نئون قانون آندو پيو وڃي. بنا نالي اڪائونٽس قانون ۾ وسل بلور جي قانون کي شامل ڪنداسين ديواني ڪيس کي ڏيڍ سال ۾ اڪلايو ويندو ججن جي مقرري بابت قانونسازي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهرجي 4/149 ۾ ڪنهن ڌار صوبي جو ذڪر نه آهي معاملي ۾ صرف سياست ڪئي پئي وڃي اهڙن خيالن جو اظهار فروغ نسيم، فردوس عاشق اعواڻ، راجا بشارت ۽ سلطان محمد خان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو فروغ نسيم چيو ته ماڻهن کي سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ حڪومت جي ايجنڊا آهن هن چيو ته عمران خان قوم سان واعدو ڪيو هو ته عوام کي سستو ۽ تڪڙو انصاف ملي نون قانونن لاءِ سمورن اسٽيڪ هولدرز سان صلاح ڪئي آهي هن چيو ته نوان قانون متعارف ڪرائڻ سان گڏ ترميم به ڪري رهيا آهيون قانونن بابت عوامي جاڳرتا ضروري آهي هن چيو ته ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي جو قانون جلد آڻي رهيا آهيون ليگل ايڊ جسٽس اٿارٽي جو فوڪس ٻارڙن ۽ عورتن جي ڏوهن طرف هوندو جيڪي ماڻهو وڪيل نٿا ڪري سگهن سالن جا سال جيلن ۾ پيا آهن پر عورتن کي هاڻي پنهنجن حقن لاءِ عدالتن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا عورتن جي ملڪيتن بابت وومين محتسب سول ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪنديون هن چيو ته اورسيز پاڪستانين جي پراپرٽيز بابت نئون قانون آڻي رهيا آهيون هن چيو ته شڪايتون اچي رهيون هيون ته جيل ۾ وڏن ڪرپشن ڪندڙن کي سهولتون ڏنيون ون ٿيون پر هاڻي نيب ۾ جيڪڏهن ڪنهن تي 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جو الزام جهجي ته ان کي جيل ۾ سي ڪلاس ملندو طاقتور جوادبارنس ان خاص ورتاءُنه ٿيندو هن چيو ته بنا نامي ٽرانزيڪشن قانون ۾ وسل بلور کي آڻي رهيا آهيون هن چيو ته قانون ۾ تبديل لاءِ سمورن اسٽيڪ هولدرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو اهڙا قانون آڻي ريها آهيون جيئن ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي فائدو ملي سگهي هن چيو ته بنا نالي پراپرٽيز جا رولز ٺاهيا آهن پنجاب جي حوالي سان ڳالهائيندي راجا بشارت چيو ته ڏوهه ختم ڪرڻ لا3 پوليس سڌارا ڪيا ويندا فروغ نسيم ٻڌايو ته آرٽيڪل 149 نافذ ڪرڻ بابت فيصلو اڃا ڪميٽي کي ڪرڻو آهي هن چيو ته ڪراچي جي بااختيار هجڻ جو فائدو سنڌ کي ئي ٿيڻو آهي آرٽيڪل 149 بابت ڪوئي فيصلو اڃا تائين ناهي ٿيو. هن چيو ته آرٽيڪل 4/149 صرف مقامي حڪومت کي بااختيار بڻائي ٿو مقامي حڪومتن جو بااختيار ٿيڻ تائين عوامي مسئلا حل نه ٿيندا هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو آرٽيڪل 149 ۾ اهڙِ ڪائي شيءَ پڙهن جيڪا ان ۾ ناهي لکيل ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان ۽ اسان ته پاڻ چئون ٿا ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ نه ٿيڻ ڏينداسين فروغ نسيم چيو ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس پکڙجي چڪي آهي ڪراچي جي ترقي ڪرڻ سان سڀ کان وڌيڪ فائدو سنڌ جو آهي ڪراچي اسٽريٽجڪ ڪميٽي معاملن کي آخري شڪل ناهي ڏني ڪميٽي بابت رابطو ڪرڻ وفاق جو صوابديد آهي ناصر شاهه سٺو ماڻهو آهي ضرورت پئي ته رابطو ڪنداسين فروغ نسيم چيو ته چيف جستس جي وڊيو لنڪ جي ذريعي عدالت لڳائڻ کي ساراهيان ٿو اسان به ماتحت عدالتن ۾ وڊيو لنڪ متعارف ڪرائي رهيا آهيون هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ نوان قانون جلد رائج ٿيندا ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سان به انهن قانون بابت جلد ڳالهه ٿيندي سنڌ حڪومت به جيڪڏهن چاهي ته هي سٺا قانون رائج ڪري اسان ڀليڪار چونداسين. وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته آرٽيڪل 149 نه ڪراچي کي انتظامي طور وفاق جي ماتحت ڪري ٿو ۽ نه ئي وري اُن ۾ ڌار صوبي جو ذڪر آهي، آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جو اڃا فيصلو ناهي ٿيو، پر پيپلز پارٽي سندس بيان تي سياست ڪري رهي آهي. وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته اڳ ئي چئي چڪا آهيون ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ نٿا گهرون. آرٽيڪل 149 (4) جي حوالي سان فروغ نسيم چيو ته ڪراچي جي حوالي سان ڪميٽي اڃا تائين معاملن کي حتمي شڪل نه ڏني آهي، اڃا کوڙ ساريون شيون فائنل ٿيڻيون آهن، تنهن ڪري آرٽيڪل 149 (4) لاڳو ڪرڻ لاءِ ضد جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي. آرٽيڪل جي حوالي سان سنڌ جي ميڊيا کي اڃا به مطمئن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. فروغ نسيم پريس ڪانفرنس دوران ڪراچي ۽ سنڌ جا لفظ ڌار ڌار استعمال ڪندو رهيو. چيو ته ڇا سنڌ جا ماڻهو ڪراچي جي ترقي نٿا ڏسڻ چاهين، اندرونِ سنڌ ۾ ايڊز، هيپاٽائيٽس ۽ ٻين بيمارين ڪر کنيو آهي، پي ٽي آءِ سرڪار جي ڪوشش آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ جا شهر ترقي ڪن. اُتان جو حالتون بهتر ٿين. وفاقي وزير فروغ نسيم مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 149 ۾ ڪٿي به صوبي کي ڌار ڪرڻ جو ذڪر ٿيل نه آهي، رضا رباني ۽ خورشيد شاهه چيو ته آرٽيڪل لاڳو ٿيڻ سان خراب نتيجا نڪرندا. سنڌو ديش ٺاهڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي، اهو هڪ عجيب طريقو آهي. هُن پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته سياست ڪرڻ گهرجي پر ملڪي سلامتي کي داءُ تي نه لڳايو وڃي. پيپلز پارٽي آرٽيڪل 149 تي سياسي اينگلنگ ڪئي آهي. آرٽيڪل 149 ۾ ته انتظامي يونٽس جو به ذڪر ٿيل نه آهي. نئون صوبو يا انتظامي يونٽس ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ الڳ آرٽيڪلس آهن. فروغ نسيم چيو ته سنڌ ۾ لوڪل گورنمينٽ جو ڪيس وڙهي رهيو آهيان، مڪاني حڪومتون مضبوط ٿينديون ته ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ٿيندا ۽ جمهوريت کي سگهه ملندي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته لوڪل گورنمينٽس کي فنڊز ڏنا وڃن. ڪير نٿو چاهي ته ڪراچي ۾ صفائي ٿئي ۽ بيماريون نه پکڙن؟ پر سندس آرٽيڪل واري ڳالهه تي سياست ڪئي پئي وڃي. آرٽيڪل لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو ۽ نه ئي وزيراعظم سان ڳالهيون ٿيون آهن. پريس ڪانفرنس دوران سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ۽ اُن جي اتحادي جماعتن تي عوامي دٻاءُ آهي ته مسئلا حل ڪريو، اُن سلسلي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي ته وفاقي سرڪار ڪهڙي ريت ڪراچي سوڌو سنڌ ۾ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آئيني ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟