عالمي برادري کان ڀارت تي واپاري پابنديون لڳائڻ جو مطالبو، پاڪ- ڀارت جنگ لڳي ته پڄاڻي ايٽمي جنگ تي ٿيندي: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انسانيت ڏکائيندڙ ظلمن تي عالمي برادري ڀارت تي واپاري پابندي هڻي ڪوبه عقلمند شخص ايٽمي جنگ لاءِ نٿو سوچي سگهجي ڀارتي قيادت به عقلمند نه آهي هو نسلي فرق جا پوئلڳ آهن ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ بيانن سان ڪم نه هلندو هاڻي گڏيل قومن کي عملي قدم کڻڻا پوندا وزيراعظم روسي ٽي وي کي انٽرويو ۾ چيو ته ڀارت تي شدت پسندن جو قبضو آهي ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ بيانن سان ڪم نه هلندو هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه عالمي طاقتون واپاري ۽ معاشي فائدن کي انساني زندگين کان وڌيڪ اهم سمجهن ٿيون وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج 70 هزار کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪري چڪي آهي ۽ خدشو آهي ته موجوده بي جي پي حڪومت اڃا ٻي رتوڇاڻ ڪرڻ چاهي ٿي وزيراعطم چيو ته ڀارت جيڪو ڪجهه والاريل ڪشمير ۾ ڪري رهيو آهي ان جا نتيجا رڳو خطي ۾ نه پر ان کان ٻاهر به محسوس ڪيا ويندا ڪشمير جو تڪرار هاڻي ايٽمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو مرڪز آهي وزيراعظم واضح ڪيو ته دنيا ڄاڻي وٺي ڀارت سان ڳالهين جو وقت گذري چڪو ڪسمير جي مسئلي تي هاني ڀارت سان ٻطرفيون ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن تڪرار جي حل لاءِ آمريڪا روس چين ۽ ٻين طاقتن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ماضي ۾ ڪيترن ئي ملڪن تي اهڙِ قسم جون پابنديون هڻي چڪي آهي تنهنڪري ڀارت تي پابنديون مڙهڻ گهرجن روسي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان ان ڳالهه تي به افسوس ڪيو ته ڪجهه عالمي طاقتون معاشي فائدن کي انسانن جي حياتي تي ترجيحي ڏيئي رهيون آهن. ٻئي طرف الجزيره ٽي وي کي انترويو ڏيندي وزيراعطم عمران خان چيو ته جنگ ڪڏهن به مسئلن جو حل ناهي هوندي پر جنگ سان مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ جنگ جا نتيجا به تباهه ڪندڙ هوندا آهن وزراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۽ عراق سميت سڄي دنيا ۾ جتي جتي جنگيون ٿيون آهن اتي تباهه ڪندڙ اثر ٿيا پاڪستان ڀارت سان جنگ ڪرڻ نٿو چاهي هن چيو ته جيڪڏهن ڪوئي ايٽمي ملڪ روايتي جنگ هارائي وڃي ته ٻه رستا هوندا آهن اهو ملڪ يا ته هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏي يا ايٽمي حملو ڪري ڇڏي جيڪڏهن ڪشمير تي جنگ ٿي ته پوءِ سڄي دنيا متاثر ٿيندي عمران خان چيو ته پاڪستان انهيءَ ڪري گڏيل قومن سميت دنيا جي هر عالمي طاقت سان رابطو ڪيو آهي هن چيو ته هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ آزادي ۾ چونڊ ڪرڻي هجي ته پاڪستاني آخري گهڙي تائين وڙهندا هن چيو ته ايٽمي جنگ کان بچڻ لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو هڪ ٻئي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪوبه عقلمند ماڻهو ايٽمي جنگ جي ڳالهه نٿو ڪري سگهي دنيا کي پاڪ ڀارت جنگ جو نقصان ان جي سوچ کان به وڌيڪ ٿيندو زويراعطم چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيولڳل آهي بليڪ آئوٽ آهي ڀارت ڪشميرين کان فيصلو مڃرائڻ لاءِ غيرقانوني قدم کڻي رهيواهي گڏيل قومن به ڪشمير ۾ ظلم جي رپورٽ جاري ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ  ۾ روايتي جنگ ٿي ان جي پچاڻي ايٽمي جنگ تي ٿيندي ۽ ان جا نتيجا خطرناڪ هوندا آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ سنجيده مداخلت ڪري ته ڪشمير مسئلي جي حل جي گارنٽي ڏئي سگهجي ٿي ڀارت ڪشمير ۾ ظلم تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان تي دهشتگردي جو الزام لڳائي رهيو آهي پاڪستان کي خدشو آهي ڀارت فبيروري جهڙي ٻيهر حرڪت نه ڪري هن چيو ته اميد ته آمريڪي صدر ٽرمپ طالبان سان ڳالهيون بحال ڪندو افغان مسئلي جو حڪ فوجي نه پر ڳالهيون ئي آهن هن چيوته ڪرپٽ ليڊر ڪرپشن بدران يوٽرن وٺن ها ته اڄ جيل ۾نه هجن ها مون کي خوشي آهي ته مان يوٽرن جو وزيراعظم آهيان ڪو بيوقوف ئي هوندو جو يوٽرن ناهي ويندو بيوقوف ديوار سان مٿو ٽڪرائيندو رهندو آهي ۽ عملمند رستو تبديل ڪندو آهي هن چيو آءِ ايم ايف خرچ گهٽائڻ ۽ آمدني وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي چيو اقتدار سنڀاليو ته ملڪ تي 9.5 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں