پاڪستان ۽ ڀارت ٻه ايٽمي ملڪ آهن، ڇڪتاڻ سان پوري دنيا کي خطرو ٿيندو: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد/لاهور (بيورو+ م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ڳالهين سان ئي حل ٿيندو ۽ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سان دنيا کي خطرو ٿيندو.لاهور ۾ سک ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان سکن کي ملٽي پل ويزا جاري ڪنداسين ۽ سکن کي ايئرپورٽ تي ئي ويزا ملندي.وزيراعظم بڻجڻ بعد ڪوشش ڪئي ته ڀارت سان تعلقات بهتر ٿين. مودي کي فون تي چيو ته ٻنهيملڪن ۾ هڪ جهڙا مسئلا آهن. ڀارت سان تعلقات بهتر ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪئي پر هاڪاري جواب نه مليو. وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ڪشمير مسئلو ڳالهين سان ئي حل ٿيندو پر جيڪي ماڻهو جنگ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن تاريخ ناهي پڙهي.جنگ سان ڪو به مسئلو حل نه ٿيندو. جڏهن ته جنگ کانپوءِ مسئلا وڌي ويندا ۽ جنگ کانپوءِ ملڪن کي بيهڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا آهن. جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻه ائٽمي ملڪ آهن. انهن ۾ ڇڪتاڻ سان دنيا کي خطرو ٿيندو.وزيراعظم چيو آهي ته آر ايس ايس جيڪي حرڪتون ڪري رهيو آهي ان جي اجازت ڪو به مذهب نٿو ڏئي ۽ جهڙي طرف اهي ڀارت کي وٺي وڃي رهيا آهن ان ۾ ڪنهن ٻئي جي جڳهه ناهي.آر ايس ايس صرف هندوتوا چاهين ٿا. انهن کي جنهن جي خبر پوندي ته ان ڳئون جو گوشت کاڌو آهي ته ان کي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن آر ايس ايس کي روڪيو نه ويو ته ٻين مذهبن جي ماڻهن کي به تنگ ڪندي.جڏهن ته ڪشمير ۾ 27 ڏينهن کان ڪرفيو لڳو پيو آهي. ماڻهن وٽ کاڌو پيتو ختم ٿي ويو آهي. اهو سڀ ڪجهه انسانيت جي خلاف آهي. ڪشمير ۾ مسلمانن بدران سک به هجن ها ته تڏهن به آئون آواز بلند ڪريان ها. ٻئي طرف پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان ايئر هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ ملڪي دفاع ۾ پاڪ فضائيه جي ڪردار کي ساراهيو.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم عمران خان ايئر هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو، جتي ان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، دفاعي پيدوار واري وزير زبيده جلال ۽ سڌ سماءُ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ به موجود هئي.آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم عمران خان ايئر هيڊ ڪوارٽر ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڏني. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ملڪي دفاع ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فضائيه جي ڪردار کي ساراهيو.ان پاڪ فضائيه جي طرفان پاڪستان جو بهتر تشخص کي اجاڳر ڪرڻ ۽ قومي تعمير ۽ ترقي جي بي شمار قدمن جي به تعريف ڪئي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں