پاڪستان طرفان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر پهچ ڏني وئي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پاران تحويل هيٺ ڀارتي جاسوس ڪلبوشن ياديو کي ويانا ڪنوينشن تحت قونصلر پهچ ڏني ويئي ڊپٽي هاءِ ڪمشنبرگورواهلو اهلوواليه، ويزا آفيسر ۽ تحويل هيٺ ڀارتي جاسوس وچ ۾ سڀ جيل ۾ ملاقات ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي ميڊيا رپورٽ موجب ڪلبوشن سان ملاقات لاءِ ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس پهتو هو جتي پهريان هن ڊاڪٽر محمد فيصل سان ملاقات ڪئي اطلاعن مطابق ڀارت جي ڊپٽي ڪمشنر ويزا آفيسر ۽ تحويل هيٺ ڀارتي جاسوس وچ ۾ سڀ جيل ۾ هي ملاقات ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي ذريعن موجب ڪمانڊر ڪلبوشن يادو سان ملاقات لاءِ ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي اڻڄاتل هنڌ نيو ويو هن ملاقات ۾ پاڪستان پاران ڊي جي ڀارتي معاملا فريحه بگٽي موجود هئي عملدارن مطابق ملاقات عالمي عدالت انصاف پاران ڪلبوشن يادو کي قونصلر پهچ جي فراهمي جي فيصلي جي روشني ۾ ڪرائي ويئي هئي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں