اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ پرويز مشرف جي پرڏيهي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او بابت درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ درخواست گذار موقف اختيار ڪيو هو ته اين آر او سبب ملڪ جي اربين رپين جو نقصان ٿيو انڪري قانون ٺاهيندڙن کان نقصان جي رقم وصول ڪئي وڃي. عدالت ۾ درخواست گذار تي شروعاتي ٻڌڻي بعد 24 اپريل تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرويز مشرف کي نوٽيس جاري ڪيا هئا جڏهن ته آصف زرداري ۽ ٻين سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو جواب پڻ جمع ڪرائي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ اين آر او مان فائدو حاصل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ اثارني جنرل سميت آصف علي زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي پرويز مشرف ۽ آصف علي زرداري جي پرڏيهي اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا جڏهن ته اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ قيوم کي به اثاثن جا تفصيل ڏيڻ جو چيو ويو آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته سموريون ڌريون پنهنجا ۽ پنهنجي اولاد جا پرڏيهه ۾ غيرملڪي اڪائونٽ ۽ ملڪيت ظاهر ڪن، ۽ سموريون ڌريون پنهنجو حلفي بيان پڻ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائين.چيف جسٽس سوال ڪيو ته ملڪ قيوم ۽ آصف علي زرداري جي طرفان ڪڏهن جواب ايندو؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته آصف علي زرداريءَ جي طرفان جواب اچي ويو آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته توهان کي ملڪيت ۽ پرڏيهي اڪائونٽ ظاهر ڪرڻا آهن، توهان جا ٻاهر ڪي به اثاثا ناهن ان تي سپريم ڪورٽ کي اعتماد ۾ وٺو. چيف جسٽس فاورق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ عدالت کي ٻڌايو پاڪستان کان ٻاهر توهان جي ۽ توهان جي اولاد جي ڪا ملڪيت آهي يا نه، توهان واعدو ڪيو هو، هاڻ ڪجهه ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.ان تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جيتري قدر آصف علي زرداري جو تعلق آهي، اسان سندس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، منهنجو اصيل آصف زرداري 8 ڪيسن ۾ باعزت بري ٿيو. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي وڏا اهو سمجهن ٿا ته هو پڪڙجي نٿا سگهندا، انهن کي ڳولهي لهنداسين، تقريبن هڪ هزار ماڻهو آهن انهن کان تفصيل وٺنداسين، حلفي بيان ڏيو ته پاڪستان کان ٻاهر ڪو به اڪائونٽ ناهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان کي ڊيم ٺاهڻا آهن ۽ وڏا ڪم ڪرڻا آهن، اسان کي ڪرپشن ختم ڪرڻي آهي.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟