وڊيو اسيڪنڊل: ناصر جنجوعه سميت 3 جوابدارن جي ضمانت رد، عدالتي احاطي مان گرفتار

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ ناصر جنجوعه سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اسلام آباد جي سائبر عدالت ۾ جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل ڪيسجي 3 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل صفائي چيو ته جوابدارن جي جج کي بليڪ ميل ڪرڻ ۾ سڌو سنئون هٿ ناهي ۽ نه ئي  هنن وڊيو ٺاهي آهي.ايف آءِ اي جي ليگل اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪليم الله تارڙ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن کان وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي. ان جوابدارن خلاف پڪيون شاهديون موجود آهن ۽ هنن سڀني جو  هن معاملي ۾ خاص ڪردار آهي.سائبر ڪرائم ڪورٽ جي جج طاهر خان دليل ٻڌڻ کان پوءِ ٽنهي جوابدارن ناصر جنجوعه، خرم يوسف ۽ غلام جيلاني جي عبوري ضمانتون رد ڪري ڇڏيون. ايف آءِ اي ناصر جنجوعه، خرم يوسف ۽ غلام جيلاني کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ شرط ئي گرفتار ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ جج وڊيو اسڪينڊل ۾ گرفتار ميان طارق صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جج ارشد ملڪ جي بقول ان جون مون سان 2 ملاقاتون ٿيون آهن هڪ ملاقات 2003 ۾ ٿي جڏهن هو ٽي وي ٺهرائڻ لاءِ منهنجي دڪان تي آيو. حالانڪه 2003 ۾ ته منهنجي ٽي وي جي دڪان ئي نه هئي. پر  مون اها دڪان 2005 ۾ ٺاهي.منهنجو پٽ فيصل طارق 10 جولاءِ کان گم آهي. چيف جسٽس کي اپيل آهي ته منهنجي پٽ جي ڳولا جو حڪم ڏنو وڃي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں