عمران خان جي پاڪستان ۾ بجلي، گئس ۽ ماني ته ٺهيو پر مرڻ به مهانگو آهي: آصفه ڀٽو

0Shares

اسلام آباد (م ڊ) پ پ پ جي ڪوچيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ آصف ڀٽو زرداري چيوآهي ته ڪشمير جي مسئلي تي عالمي برادري اهو ڪردار ادا ناهي ڪيو جيڪو ڪرڻ گهرجي ها ڪشمير ۾ عمران خان جي پارليمينٽ ۾ دير سان تقرير ڪرڻ هڪ ناڪامي اهو سڀ ڪجهه اسان جي حڪومتي دور ۾ ٿئي ها ته اسان پهرين اڏام ۾ دبئي وڃون ها. پوءِ چين روس، ۽ ايران جو دورو ڪيون ها ۽ مسلم امت کي گڏ ڪيون ها بلاول سڄي پاڪستان لاءِ ڳالهائي ٿو مان به ان سان گڏجي عوام جو آواز بڻجندي رهنديس حڪومت جي قدمن کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن به سياسي پنڊت هجڻ جي ضرورت نه آهي. راءِ جي اظهار جي آزادي تي پابنديون آهن انساني حقن جي لتاڙ، سڀڪجهه موجوده حڪومت جي دور ۾ ٿي رهيو آهي هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪندڙ عمران خان هڪ نوڪري به نه ڏيئي سگهيو عام ماڻهو لاءِعمران خان جي پاڪستان ۾ بجلي، ماني گئس ايتري قدر جو جيئڻ ۽ مرڻ به مهانگو آهي صرف يوٽرن کان پوءِ يوٽرن ورتو پيو وڃي اسپتال ۾ ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ويس ته عورتن مون سان بداخلاقي ڪئي ۽ اهلڪارن ڌڪا ڏنا. سومر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ڌيءِ آصفه ڀٽو زرداري بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته سياست ۾ اچڻ ان جي مجبوري نه آهي پر ان ڪاوش کي مڪمل ڪرڻ جو رستو ضروري آهي. جنهن ذريعي هو عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿي هن چيو ته اهو ڏسڻ لاءِ اوهان رڳو ڳڙهي خدابخش وڃڻ جي ضرورت آهي ته منهنجي گهر جي ڪيترن ماڻهن هن ملڪ لاءِ پنهجون حياتيون ڏنيون آهن اسان وٽ صرف اهو رستو هو يا اسان خاموش رهون يا اڳيان وڌي حق جي لاءِ آواز اٿاريون هن چيو ته منهنجي نانا عوام جي حق لاءِ اواز اٿارڻ کي ترجيحي ڏني۽ منهنجي ماءُ به ساڳئي رستي تي هلي ۽ هاڻي منهنجو ڀاءُ به پنهنجي نانا جي مشن ۽ ماءُ جي سوچ کي اڳتي کڻي هلي رهيو آهي هن چيو ته بلاول سڄي پاڪستان لاءِ ڳالهائي ٿو ۽ مان به ان سان گڏ عوام جو آواز بڻجندي رهنديس. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۽ اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ ڪافي شيون هڪ جهڙيون آهن جهڙي ان جي ساڳي ڪابينه آهي جيڪا جنرل مشرف جي هئي عمران خان جيناڪامي جي لسٽ ان جي ڪاميابين کان ڊگهي آهي پاڪستاني قوم سان ڪيل واعدن جو ذڪر ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته عمرانخ ان پاڪستان جي عوام سان واعدو ڪيو هو ته هو هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو جڏهن ته هو هڪ نوڪري به ناهي ڏيئي سگهيو حقيقت ۾ ان ملڪ کي معاشي طور تي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو هزارين ماڻهن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو سبب بڻيو آهي آصفه جو چوڻ هو ته عمران خان 50 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪو اڃا تائين وفا ناهي ٿي سگهيو پر هن هزارين گهر ٽوڙي ڇڏيا آهن عمرانخ ان چيو ته هو آباد ڪندو پر ٻين ملڪن کان امداد نه گهندو جڏهن ته اسان ڏٺو ته هو هر ملڪ آڏو ڪشتو کني بيٺو رهيو هن چيو ته هڪ عام ماڻهو لاءِ عمران خان جي پاڪستان ۾ بجلي، ماني گئس ايتري قدر جو جيئڻ مرڻ مهانگو آهي. آصفه ڀٽو زرداري موجب جڏهن موجوده حڪومت سان پنهنجي جماعت جي حڪومتي دور جي ڀيٽ ڪئي ته دنيا ۾ آيل معاشي بحران، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ قدرتي آفتن جي باوجود پاڪستان پيپلزپارٽي جون 60 لک نوڪريون ڏيڻ جون ڪاميابيون ياد ڪرايون هن چيو ته اسان ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پهريون معاشي سلسلو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي شڪل ۾ شروع ڪيو جنهن مان هزارين ماڻهو فائدو ورتو اڳوني صدر زرداري سي پيڪ جي سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪ چين سان لاڳاپا مضبوط ڪيا هڪ نه رڳو ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ان جو فائدو سڄي خطي کي ٿيندو اسان 1973 جي آئين کي ان جي اصل روح مطابق بحال ڪيو اسان صوبن کي خودمختيار بنايو پ پ پ جي حڪومت عوام جي حڪومت هئي جڏهن ته عمران خان جي حڪومنت ۾ ان مان ڪجهه به نه آهي بي بي سي مطابق پنهنجي والد آصف علي زرداري جي صحت تي ڳالهائيندي آصفه ڀٽو پريشان نظر آئي ۽ ٻڌايو ته هو جڏهن پنهنجي پيءُ ان ملڻ لاءِ اسپتال پهتو ته ان ڏينهن سندس هٿ ۾ ڪورٽ آرڊر هو. جيڪو کيس آصف علي زرداري سان ملاقات جي اجازت نامو هو جڏهن مان اسپتال پهتس ته انتظاميه سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا مريضن کي اندر يا ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني ويئي عام شهرين جو اچڻ وڃڻ بند ڪيو ويو هو مان اندر وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي هيس ۽ جا ٽيسٽ ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس جڏهن کيس واپس آندو پيو ويو ته اٽڪل 30 پوليس اهلڪارن جي گهيري ۾ هيس عورتن اسان سان بداخلاقي ۽ مردن ااسن کي ڌڪا ڏنا هن چيو ته مان والد صاحب جو منهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي اهلڪار اهو طئي ڪري آيا هئا تهمان کيس ڏسي نه سگهان مان مشڪل سان اڳيان اڳتي نڪري ويس ۽ ان جو هٿ پڪڙيو ۽ ان جي ڪمري تائين ان سان گڏ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته ليڊي پوليس اهلڪار مون کي پوئتي ڇڪينديون رهيون آصفه ڀٽو ٻڌايو ته جڏهن هن ڊاڪٽرن سان ڳالهايون ته ڊاڪٽرن کيس چيو ته اهي آصف زرداري جي صحت بابت پريشان آهن ڇو ته ان جون 3 شريانيون بند آهن هو نه رڳو شگر جو مريض اهي پر ڪيترائي سال جيل ڀوڳڻ کان پوءِ کيس جيل ۽ اسپائن جي سخت مسئلن کي به منهن ڏيئي رهيو آهي. جيڪي مرض هاڻي ٻيهر ٿي رهيا آهن ۽ حالت خراب ٿي رهي آهي ڊاڪٽرن کيس ٻڌايو ته آصف زرداري کي وڌيڪ ٽيسٽ ۽ علاج جي ضرورت آهي آصفه ڀٽو ان خدشي جو اظهار به ڪيو ته ڊاڪٽرن تي دٻاءُ وڌو ويو آهي ۽ ان جي اجازت کان سواءِ آصف زرداري کي واپس جيل موڪليو ويو آهي هن چيو ته مان ان جي علاج کان بلڪل به مطئمن نه آهيان کيس اسپتال هئڻ گهرجي ۽ ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ هئڻ گهرجي جيستائين اهي اهو نه چوندا ته هو ايترو صحتياب آهي جو واپس جيل وڃي سگهي آصفه ڀٽو چيو ته سندس سمجهه کان ڳالهه ٻاهر آهي ته موجوده حڪومت لڳاتار اهو ڇو چئي رهي اهي ته اهي ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندا اسان جو چوڻ آهي ته اين آر او اوهان کان ڪير ٿو گهري منهنجي والد ساڍا 11 سال قيد ۾ گذاريا آهن ان وقت هن ڪنهن کان اين آر او نه گهرو ان جي خلاف ڪجهه ثابت نه ٿيو پوءِ به ان ڪنهن سان ڊيل ناهي ڪئي ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهائيندي  آصفه ڀٽو چيوت ه ڪشمير ۾ جيڪو ٿي رهو آهي ان کي عالمي برادري کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي اهو تيئن ادا نه پيو ڪيو وڃي ۽ اڃا تائين ايتري مذمت ناهي ڪئي ويئي جيتري ٿيڻ گهرجي هن چيو ته هن وقت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عورتن جون عزتون محفوط نه آهن ۽ ٻارڙن کي ماريو پيو وڃي مظاهرو ڪندڙن کي گوليون هلايون پيون وڃن جيڪڏهن ڪوئي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائي ٿو ته جنهن تي گوليون هلائڻ انڊين فوجي پنهنجو حق سمجهن ٿا ۽ دنيا ان تي خاموش آهي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جو پارليمينٽ ۾ دير سان تقرير ڪرڻ هڪ ناڪامي هئي ۽ پوءِ پرڏيهي وزير جو پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير وڃڻ ۽ اهو چوڻ ته پاڪستان کي عالمي برادري کان وڌيڪ اميدون نه رکڻ گهرجن کل جوڳو هو. هن وقت ڪشمير ۾ چڙ ڏياريندڙ صورتحال آهي مان اها ڳالهه اتي ورجائڻ چاهيان ٿي جيڪا منهنجي والد محترم پارليمينٽ جي فلور تي ڪئي هئي جيڪڏهن هي سڀ اسان جي حڪومتي دور ۾ ٿئي ها ته اهي پهرين اڏام ۾ گڏيل عرب امارات وڃڻ ها پوءِ چين روس ۽ ايران جو دورو ڪن ها. هڪ سوال جي جواب ۾ ته ڇا هڪ سياسي خاندان سان تعلق رکندڙ ڇا سياست کان ڪڏهن به پاڻ کي الڳ به ڪيو ٿا ان تي آصفه ڀٽو مرڪندي چيو ته پاڪستان جهڙِ ملڪ ۾ جتي روزانو ڪا نئين سياسي تبديلي ايندي آهي اتي اهو ممڪن نه آهي اوهان گهر ۾ سياسي ڳالهه ٻولهه نه ڪريو پوءِ به اسان ڪوشش ڪيون ٿا ته نيوز چينلز هٽايون ۽ ڪائي ٿوريون گهڻيون ڳالهيون ڪريون هن چيو ته مان کاڌو تيار ڪري سگهان ٿي ۽ منهنجو خيال آيه ته مان هڪ سٺي ڪڪ آهيان پر جيڪڏهن اوهان منهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کان پڇندا ته اهي شايد منهنجي ڳالهه کانا تفاق نه ڪندا منهنجو پسند جو کاڌو برياني آهي جيڪا مان ايتري سٺي ناهيان تيار ڪندي پر ڪراچي جي برياني جو ڪوبه مقالو نه آهي آصفه ڀٽو چيو ته گهمڻ لاءِ ڪشمير ان جي پهرين ترجيهي هوندي هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته مان ڪشمير ۽ اترين علائقن جو دورو ڪيان اهي حقيقت ۾ گهڻا خوبصورت علائقا آهن ۽ اتان جي ماڻهن جي مهمانوازي به سارائڻ جوڳو آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں