ڪراچي/ٺٽو (اسٽاف رپورٽر+ڊ ر) سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن گڏيل طور تي هڪ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا نيسپاڪ پاران هلندڙ مهيني جي آخر تائين گڏ ڪرايل ڪي فور رٿائن جي ٽيڪنيڪل رپورٽ جو جائزو وٺندي ته جيئن منصوبي کي اڳيان وڌائي سگهجي. نيسپاڪ موجب ڪي فور رٿا جي ڪاٿيل لاڳت 120 ارب رپينجي ويجهو آهي. اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ رٿابندي ۽ ترقيات وارو وفاقي وزير خسرو بختيار، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، سيڪريٽري پلاننگ ظفر احسن، ميمبر پلاننگ ڪميشن ميجر جنرل ريٽائرڊ ظاهر شاهه شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي گورنر سنڌ عمران اسماعيل، مڪاني کتي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، محنت وارو صوبائي وزير سعيد غني، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو سهائتا ڪئي. ايف ڊبليو او جي وفد جنهن جي اڳواڻي ڊي جي ايف ڊبليو او جنرل انعام حيدر ڪري رهيو هو ان سان گڏ 5 ڪور جا بريگيڊيئر عبدالسميع، بريگيڊيئر ابير ۽ ٻيا گڏ هئا. ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي فور اسد ضامن ۽ پي اينڊ ڊي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ايف ڊبليو او جي ڊي جي ميجر جنرل انعام حيدر اجلاس کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ڪينال ڪينجهر ڍنڍ سان تعمير ڪئي پئي وڃي جنهن جي ڊيگهه 121 ڪلوميٽر آهي. هن چيو ته 11 ميٽر اونهائي ڪينال تعمير ڪئي وئي آهي جنهن جو مُنڍ اندر طرف بڻايو ويو آهي جيڪو 257 ميٽر مٽي جي تهه کان آهي. 121 ڪلوميٽر مان ڪينال جو وهڪرو گريويٽي ۾ 91 ڪلوميٽر تائين هوندو. ڪينال جو سول ڪم اٽڪل 70 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي چڪو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته الائنمنٽ بابت ڪجهه مسئلا هئا جنهن تي نيسپاڪ ٿرڊ پارٽي اسسيسمنٽ طور ڪم ڪري رهي آهي. نيسپاڪ جي نمائندگي ڪندڙن نيسپاڪ جو جي ايم جاويد مير، مرزا آصف بيگ ۽ محمد افضل اجلاس کي ٻڌايو ته انهن ڪينال جي موجوده الائنمنٽ ۾ ڪجهه موڊيفيڪيشن تجويز ڪيون آهن. انهن اجلاس کي ٻڌايو ته ڪينال جي ڪپن جي جيو اسٽڊي ڪئي آهي ته جيتوڻيڪ اهي 660 ايم جي ڊي پاڻي واري دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ جي قابل هوندا. انهن چيو ته اسان هلندڙ مهيني جي آخر تائين اسٽيڊي مڪمل ڪري وٺنداسين ۽ پوءِ صوبائي حڪومت کي پيش ڪنداسين. جنهن تي وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته منصوبو جيڪو ايڊوانس اسٽيج تي آهي جنهن جو ماهرن جي ٽيم کان هڪ ڀيرو ٻيهر جائزو وٺرائڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير تجويز ڪيو ته منصوبابندي ۽ ترقيات کاتي ۽ وفاقي حڪومت جي پلاننگ ڪميشن تي ٻڌل هڪ گڏيل ٽيم جوڙي وڃي جيڪا نيسپاڪ پاران پيش ڪيل رپورٽ جي فني پهلوئن جو جائزو وٺي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙ ٽيم کي جوڙڻ تي راضپو ڏيکارو جنهن کي وفاقي پلاننگ ڪميشن نوٽيفائي ڪندو. نيسپاڪ چيو ته منصوبي تي اٽڪل 120 ارب رپيا لاڳت ايندي جنهن تي وڏي وزير چيو ته ڊالر جي ڊي ويليو ايشن سبب منصوبي تي 150 ارب رپيا لاڳت ايندي. وڌيڪ منصوبي لاءِ 50 ميگاواٽ وارو پاور پلانٽ به تجويز ڪيو ويو آهي، ڪنسلٽنٽ پاران گهڻي ڀاڱي پاور پراجيڪٽ جي پي سي ون کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪي ون ۽ ڪي ٽو ۽ ٿري 480 ايم جي ڊي جي گنجائش سان ڊيزائين ڪيا ويا هئا جنهن ۾ مٽي ۽ ٻين ٽيڪنيڪل معاملن سبب 100 ايم جي ڊي تائين گهٽتائي ٿي آهي. هن ڪي ون ۽ ڪي ٽو/ٿري منصوبن جي گنجائش کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ الڳ اسٽيڊي جي تجويز پيش ڪئي. وڏي وزير وفاقي حڪومت جي نمائندن کي ٻڌايو ته گهڻي آبادي وارو شهر ڪراچي جي زندگي ۽ موت جو مسئلو پاڻي آهي. هن چيو ته اسان ڪي فور شروع ڪيو ته جيئن هي مڪمل ٿي سگهي پر 15 سال کان وڌيڪ جو عرصو کيس رٿابندي ۽ عملدرآمد ۾ ڪٽجي ويو ۽ اڃان تائين ايئن لڳي رهيو آهي ته ان ۾ وڌيڪ ڪجهه سال ٻيا لڳندا. وفاقي وزير رٿابندي ۽ ترقيات خسرو بختيار شهر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽن لڳائڻ جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن پاڻي جي هنگامي ضرورتن کي منهن ڏئي سگهجي پر ان منصوبي جي پوراءُ ۾ ٻه کان ٽي سال جو وقت لڳندو. وڏي وزير چيو ته کيس حڪومت شهر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽس لڳائڻ لاءِ تيار آهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت مالي تعاون ڪري. وفاقي وزير وڏي وزير کي پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائيندي زور ڀريو ته منظوري لاءِ ضروري تجويز پيش ڪئي وڃي. ايف ڊبليو او ۽ سنڌ حڪومت سڀني رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي فور منصوبي جي پڄاڻي جو عزم ڪيو. نيسپاڪ جي ٽيم سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن کي ٻڌايو ته ڪجهه عمل جوڳا ڊيزائين ۽ الائمنٽن جي تبديلين سان منصوبن جي تڪميل بابت هڪ عمل جوڳا پلان ترتيب ڏنا ويندا. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه،وفاقي وزير منصوبابندي خُسرو بختيار، گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ صوبائي وزير ناصر شاه سان گڏ ڪي فور منصوبي جو فضائي معائنو ڪرڻ بعد ڪينجهر کان ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ زيرِ تعمير ڪي فور منصوبي بابت ڪينجهر ڪناري وڏي وزير ۽ گورنر کي ڊي جي، ايف ڊبليو او ميجر جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏني.ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٻڌايو تہ ڪي فور پراجيڪٽ تي سول ورڪ جو ڪم 70 فيصد مڪمل ٿي چڪو آهي،ڪي فور منصوبي ذريعي 660 ايم جِي ڊِي پاڻي ڪراچي کي فراهم ٿي سگهندو،ڪي فور منصوبي لاء 30 ميگاواٽ پاور پلانٽ منصوبي جي ضرورت آهي، مذڪوره پاور پلانٽ ذريعي ڪي فور جي پمپنگ اسٽيشن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي،پاور پلانٽ ٻن مهينن اندر مڪمل ڪري فِٽ ڪيو ويندو.وڏو وزير چيو تہ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت گڏيل مشاورت سان هن وڏي پاڻي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرائڻ تي متفق آهن.ڪي فور پراجيڪٽ جي خرچ جي لاڳت 25 بلين روپين مان وڌي 55 بلين روپيا ٿي ويئي آهي، هن پراجيڪٽ جي لاڳت جي اڌ رقم وفاق ادا ڪندو.ھن چيو تہ ڪي فور ڪئنال جي ڊيگهه 80 ڪلوميٽر آهي،ڪي فور پراجيڪٽ جي لاڳت وڌڻ جو سبب اضافي پليون،پاور پراجيڪٽ ۽ جابلو علائقي ۾ وڌيڪ ڪم اھي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟