عوام ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ روڊن تي نڪري آيو، ريليون، مظاهرا، ڀارت کي سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد /ڪراچي(بيورو+ اسٽاف رپورٽر+ نمائندن وٽان ) وزيراعظم عمران خان جي اعلان تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 12 وڳي کان ساڍي 12 وڳي تائين سموري قوم “ڪشمير آور“ ملهايو.“ڪشمير آور ” جي مرڪزي تقريب شاهراهه دستور تي ٿي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ شرڪت ڪئي. وزيراعظم پارليامينٽ هائوس جي لان ۾ شاگردن ۽ نوجوانن سان خطاببه ڪيو.سڄي ملڪ ۾ 12 وڳي ئي سموري پاڪستاني قوم روڊن تي نڪري آئي. سائرن وڄايا ويا ۽ سڀني وڏين شهرائن تي ٽريفڪ سگنل ڳاڙها ٿي ويا، گاڏيون جتي هيون اتي ئي بيهجي ويون، قومي تراني سان گڏ ڪشمير جو ترانو به پڙهيو ويو. سرڪاري ملازمن آفيس مان ٻاهر نڪري ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.استاد ۽ شاگرد به اسڪولن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪشميري عوام لاءِ هر قرباني ڏيڻ جو عزم ڪيو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جا پتلا ساڙيا ويا، ڪشمير جي آزادي لاءِ دعائون گھريون ويون ۽ ڀارت خلاف نعرا لڳايا ويا.سڄي ملڪ جي سڀني ايئرپورٽس تي آپريشن معاملا اڌ ڪلاڪ لاءِ جزوي طور تي معطل ڪيا ويا، ايئرپورٽس تي موجود آفيسون، ايوي ايشن ڊويزن، پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي مرڪزي ۽ ريجنل آفيسن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.سرڪاري پروگرام موجب سڄي ملڪ جي سڀني ضلعن ۾ مخصوص جائن تي احتجاج ڪيوويو. وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ به ڊي چوڪ تي گڏ ٿيا. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير جي صورتحال تي دنيا جي خاموشي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪشميري مسلمان نه هجن ها ته اڄ سڄي دنيا انهن سان گڏ هجي ها، مودي ڌيان هٽائڻ لاءِ آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه نه ڪندو، صاف ٻڌائي رهيو آهيان، فوج تيار آهي ۽ سر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو، دنيا کي خبر هئڻ گهرجي ته جڏهن ٻه ايٽمي طاقتون اهڙي طرح هڪٻئي جي آمهون سامهون اينديون ته نه رڳو ننڍي کنڊ نه پر سڄي دنيا کي نقصان ٿيندو، هاڻ کان دنيا کي تيار ڪري رهيا آهيون، جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان تي ماٺ ڪري ويهنداسين ته ان جو اثر سڄي دنيا تي پوندو، جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ملندي تيسيتائين پاڪستاني قوم انهن سان گڏ آهي ۽ آخري ساهه تائين انهن سان گڏ هونداسين، جمعي تي وزيراعظم سيڪريٽريٽ ٻاهران ڪشمير آور جي سلسلي ۾ ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني جتي به آهن ڀل اهي شاگرد، دڪاندار، سرڪاري ملازم سڀ ڪشميرين سان گڏ آهن، هن چيو ته ڪشميري ڏکئي وقت کي منهن ڏئي رهيا آهن، 80 لک ڪشميري 4 هفتن کان ڪرفيو ۾ بند آهن اسان انهن سان گڏ آهيون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان پيغام ويندو جيستائين اسان جي ڪشميرين کي آزادي نٿي ملي پاڪستاني قوم انهن سان گڏ آهي، وزيراعظم چيو ته اسان کي سمجهڻو آهي ته اڄ ڀارت ۾ ڪهڙي قسم جي حڪومت آهي جيڪا انسانن تي اهڙو ظلم ڪري رهي آهي ان کي سمجهڻ لاءِ آر ايس ايس جي فلاسافي جو نظريو سمجهڻو پوندو، آر ايس ايس اها پارٽي هئي جنهن جي اندر سڀ کان وڏي موٽيويشن مسلمانن جي خلاف نفرت هئي، هي نفرت ۾ پيدا ٿيل هڪ پارٽي آهي اها سمجهندي هئي ته ڀارت سڀ کان وڌيڪ اعليٰ آهي، جهڙي طرح نازي پارٽي جرمني تي قبضو ڪيو اهڙي طرح ار ايس ايس جو نظريو ڀارت تي قبضو ڪري ويٺو آهي، هن چيو ته دنيا ڏسي رهي آهي ته ڪشمير ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪشميري مسلمانن نه هجن ها ته اڄ سڄي دنيا گوڙ ڪري ها سڀ انهن سان گڏ هجن ها پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جڏهن مسلمانن تي ظلم ٿئي ٿو ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جهڙا ادارا خاموش رهن ٿا، هن چيو ته جيستائين ڪشمير آزاد نٿو ٿئي هر فورم تي جنگ وڙهندس، وزيراعظم چيو ته نيو يارڪ ٽائيم ۾ منهنجو مضمون ڇپيو آهي جنهن ۾ دنيا کي ٻڌايو آهي ته ڪشميرين تي ڪهڙو ظلم ٿيو آهي، آر ايس ايس جو نظريو عيسائين لاءِ خراب آهي، انهن سان به ظلم ٿي رهيو آهي، ڀارت ۾ اعتدال پسندن لاءِ عذاب آهي، آر ايس ايس ۽ بي جي پي جي حڪومت نهرو جي فلاسافي تي عمل ناهي ڪيو، آر ايس ايس وارن گاندي کي قتل ڪيو هو، هي رڳو هندو راڄ کي مڃن ٿا، وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هي مسئلو اٿاريندس، اسان عالمي اڳواڻن کي ٻڌايو ته اڄ دنيا مودي جي فاشسٽ ۽ نسل پرست حڪومت اڳيان ڪشيمرين لاءِ اٿي نه بيهندي ته ان جو اثر سڄي دنيا تي پوندو، هن چيو ته اسان کي علم آهي ته ڀارت جي ڪوشش آهي ته دنيا جي ڪشمير تان نظر هٽائي وڃي ان لاءِ دنيا کي ٻڌائي رهيا آهيون، هي آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪندا ۽ جڏهن هي ڪجهه ڪندا ته مودي کي صاف ٻڌائڻ چاهيون ٿو ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، اسان جي فوج تيار آهي، وزيراعظم چيو ته اسان ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻ لاءِ هڪ مهم شروع ڪري رهيا آهيون، سڄي دنيا ۾ مهم هلائينداسين، سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين، هڪ مهينن کان انهن ڪشمير بند ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا کي به وڃڻ نٿو ڏنو وڃي، دنيا کي خبر هئڻ گهرجي ته اتي ڪهڙو ظلم ٿيندو هوندو، وزيراعظم چيو ته قوم جو ٿورائتو آهيان، ڪشميرين کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ت اسان سڀ توهان سان گڏ آهيون، دل چئي رهي آهي مودي پنهنجي ڏاڍ ، تڪبر ۽ انا ۾ جيڪو ڪجهه ڪري ويٺو آهي هن آخري پتو کيڏيو آهي ان کانپوءِ ڪشمير آزاد ٿيندو. ٻئي طرف  صدر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت ۾ ايترو جنگي جنون آهي جو آڱوٺو نيوڪليئر بٽڻ تي رکيل آهي، پاڪستان ۾ اهڙي ڪيفيت نه آهي، ڀارت ۾ هٽلر جو فلسفو مٿي اچي رهيو آهي جيڪو خطي ۽ دنيا لاءِ خطري کان گهٽ نه آهي، مسلمان جيڪڏهن جهاد جي جذبي سان اٿي بيهي ته ڪو به ملڪ ان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، مضبوط معيشت سبب ڀارت کي وڌيڪ اهميت ملي ٿي ۽ مستقبل ۾ اسان کي به ملندي، جنگين سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، ايٽمي ملڪن جي جنگ سان سڄي دنيا کي خطرو ٿي سگهي ٿو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت ۾ اقلتين سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان سان اتان جي حڪومت جو سيڪيولر ازم جي دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي آهي، صدر چيو ته جيڪا باهه ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ ٻاري رهيو آهي کيس نتيجن جو اندازو نه آهي، پر پاڪستان انهن حالتن مان نڪري چڪو، پاڪستان جي حوالي سان هن چيو ته اسان جا نيوڪليئر هٿيار محفوظ آهن پر اسان ۾ جنگ جو جنون نه آهي، مسلمان جنگ شروع ناهي ڪندو پر جيڪڏهن مڙهي وڃي ته جهاد جي جذبي سان وڙهندو آهي، عارف علوي چيو ته حڪومت تي ڀارت سان جنگ لاءِ دٻاءُ پوي ٿو ته پر اسان جنگي جنون ۾ ورتل نه آهيون، مسلمانن کي جنگ شروع ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو وڃي جيڪڏهن جنگ مڙهي وڃي ته جهاد جو حڪم ڏنو ويو آهي، ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڀارت سان مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پرامن نموني تي پابند آهيون پر لڳي ٿو ته پاڙيسري ملڪ ائين نٿو چاهي، هن چيو ته شملا معاهدي موجب ٻئي ملڪ سمورا مسئلا گڏيل صلاح مشورا سان حل ڪرڻ جا پابند آهن پر ڀارت ڪشمير جي مسئلي ۽ ڪل ڀوشن ڪيس کي ٽين ڌر وٽ کڻي ويو، صدر چيو ته ماضي ۾ ڪشمير جي ڪجهه خاندان ڪوشش ڪئي ته ڀارت سان الحاق ڪيو وڃي پر هاڻ اهي به نااميد ٿي چڪا آهن، افغانستان جي مسئلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت جو اتي ڪو ڪردار ناهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي، آرمي چيف جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ تي عارف علوي چيو ته هي فيصلو درست هو ڇو ته جيڪي حالتون آهن ان ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ اتحاد هئڻ گهرجي، پاڪستان جي صدر پنهنجي پيغام چيو ته استقامت سان بيٺا آهيون الله ضرور مدد ڪندو ۽ اسان سخت ڏکيائيون برداشت ڪرڻ کانپوءِ دنيا جي وڏي قوم بڻجڻ لاءِ تيار آهيون. ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون. ڪراچي ۾ مختلف تنظيمن پاران ريليونڪڍيون ويون، ٺٽو، سجاول، ڀريا، نوشهروفيروز، ڪنڊيارو، ڇاڇرو، مٺي، سکر، لاڙڪاڻو، پنوعاقل، حيدرآباد، هالا، مٽياري، شهدادپور، سڪرنڊ، نوابشاھ، خيرپور، نيو سعيد آباد، سيوهڻ، ملير، قمبر، شهدادڪوٽ، ٽنڊوآدم، ميرپورخاص، نئون ديرو، ميرپورساڪرو، ڪڍڻ، بدين، ٽنڊو محمد خان، عثمان شاھ هڙي، ٽنڊاولهيار، بلڙي، مديجي، ٽنڊو جان محمد، ڊگهڙي، جهڏو،نئون ڪوٽ، ڪنري، رتوديرو، دادو، ڪوٽڏيجي، خانپورمهر، گهوٽڪي، پنوعاقل، ماٿيلو، اوٻاوڙو، گهارو، ڌاٻيلي ۾ ريليون ڪڍيون ويون. حيدرآباد (بيورو) حيدرآباد ڪشمير ٺهندو پاڪستان جي نعرن سان گونجي اٿيو،هر طرف پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهنڊا کڻي ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ظالم مودي جي پتلن ۽ ڀارت جي قومي جهنڊن کي ساڙي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو. وزير اعظم پاڪستان عمران خان جي هدايت تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ملهائڻ جي حوالي سان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سياسي سماجي، مذهبي، اقليتي برادري، شاگردن، استادن، وڪلين ۽ صحافين طرفان احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون. ريلين ۽ مظاهرن ۾ شريڪ ٿيندڙن جي هٿن ۾ پاڪستاني ۽ ڪشميري جهنڊا کنيل هئا ۽ هو ڪشمير ٿيندو پاڪستان، پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زندهه باد جا نعرا هڻي رهيا هئا ۽ ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي ۽ ان جي جارحت خلاف سخت نعريبازي ڪري انڊين وزير اعظم نريندر مودي جي پتلي ۽ ڀارتي قومي جهنڊي کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو. ان ڏس ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيشن پاران ايڊوڪيٽ نثاراحمد دراني، ممتاز عالم لغاري، بشير احمد عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پي ٽي آءِ حيدرآباد پاران سيده تسليم زهره ، منور خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، يونڪ گروپ آف انڊسٽريز پاراڻ امين کتري، علي محمد گھانگھرو جي اڳواڻي ۾ موٽر سائيڪلن تي ڪشمرين جي حق ۾ ريلي ڪڍي، پاڪستان سني تحريڪ پاران ضلعي اڳواڻ عابد قادري جي اڳواڻي ۾ حيدرچوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، حيدرآباد پوليس پاران به ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پوليس پاران نڪتل ريلي موٽرسائيڪلن ۽ پوليس موبائلن تي مشتمل ريلي شهر جي مختلف چوراهن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، موٽروي پوليس پاران هاءِ وي تي پنج منٽ لاءِ ٽريفڪ روڪي ڪشميري ۽ پاڪستان جا جھنڊا ايندڙ ۽ ويندڙ گاڏين ۾ سوار ماڻهن ۾ ورهايا ، فائربرگيڊ کاتي جي عملي پاران به فائربرگيڊ گاڏين ۾ سوار ٿي ڪشميرين سان يڪجھتي طور ريلي ڪڍي، ضلعي انتظاميا پاران ڪمشنر عباس بلوچ ۽ ڊي سي حيدرآباد سيد اعجاز شاھ جي اڳواڻي ۾ شهباز بلڊنگ کان اسٽيٽ بئنڪ تائين ريلي ڪڍي جنهن ۾ ضلعي آفيسرن جو وڏو انگ شريڪ هو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن جي ڊائريڪٽر علي اڪبر هنگورو جي اڳواڻي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ملازمن پڻ ريلي ڪڍي، هيومن رائٽس فائونڊيشن پاڪستان پاران سهيل خان جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. حيدرآباد سماجي اتحاد پاران  ڪشميرين جي حق ۾ مظاهرو ڪيو ويو. پي ٽي آئي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ موٽر ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، عائشه ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران عائشه قريشي ۽ عبيد قريشي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،ملڪ انجمن يوٿ ويلفئيرحيدرآباد پاران يونس جمال ۽ ملڪ محمد رمضان جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. شاهه فيصل ڪالوني جي رهواسين علي اڪبر بلوچ، آفتاب مغل، امان الله بروهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. سنڌ يونيورسٽي ۽ نمل يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪنيز مصطفيٰ، محمد شهيد جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. اسرا يونيورسٽي انتظاميا پاران ڪشمري عوام جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي. حيسڪو پاران چيف حيسڪو عبدالحق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نيوڇور شھر ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نيوڇور ۽ شھرين پاران ڪشميرين سان يڪجھتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي. عمرڪوٽ ۾ ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي لاءِ شهري وڏي انگ ۾ گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ قومي ترانو وڄايو ويو. پنگريو ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي لاءِ اقليتي برادري سميت شھرين جي وڏي انگ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. مودي خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ڄام صاحب ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي ۽ مودي سرڪار جي ڪشميرين سان ظلمن ۽ بربريت خلاف سول سوسائٽي اڳواڻن طرفان ريلي ڪڍي وئي. روڊ بند ڪيو ويو، فيض گنج ۾ ڪشمرين سان يڪجهتي طور هاءِ اسڪول پڪا چانگ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. سڄي ملڪ جيان راڻيپور ۾ موٽروي پوليس بيٽ 28 پاران ڪشميرين سان يڪجهتي طور زنجير ٺاهي روڊ مڪمل بند ڪري ريلي ڪڍي وئي. وزيراعظم جي اعلان تي زرعي يونيورسٽي، سنڌ زرعي تحقيق اداري، رورل اسپتال ٽنڊو ڄام، ميونسپل ڪميٽي، سني تحريڪ پاران ڌار ڌار ڪشمير يڪجهتي ريليون ڪڍيون ويون. قمبر ۾ به مختلف تنظيمن طرفان ڪشميرين سان ٻڌي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون، وارھ جي مين پرائمري بوائز اسڪول جي استادن ۽ شاگردن طرفان ڀارتي جارحيت خلاف ۽ ڪشميرين جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪشمور ۾ مختلف سياسي سماجي مذھبي تنظيمن پاران والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف علمدار چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ڀارتي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، والاريل ڪشمير آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ ڪشمير جي حمايت ۾ امن ڪميٽي، پوليس اهلڪارن ۽ شهرين طرفان انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويو، انڊس هاءِ تي ڌرڻي سبب چئني صوبن کان ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي،ڳاڏين جون قطارون لڳي ويون، ننگرپارڪر ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي حوالي سان مارئي گرلس هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ڪشمير بني گا پاڪستان ، مودي تي لعنت ، پاڪستان ڪا مطلب ڪيا، پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا ويا ، سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طورڏينھن ملھايو پيو وڃي،هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي، ڪلسٽر حب پرائمري اسڪول جي سوين شاگردن استادن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شھرين ۽ صحافين سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مودي پنهنجي حرڪتن کان پاسو ڪري، ڪشمير پاڪستان بڻجندو، ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو، معصوم نياڻين تي ظلم ڪيو وڃي، جيڪو افسوسناڪ آهي، اسان ان سموري عمل جي مذمت ڪريون ٿا، ڀارت پاڪستان سان جنگ ڪئي ته ان کي منهن جوڙ جواب ۽ ناڪامي کانسواءِ ڪجهه نه ملندو، ڀارت پنهنجي حرڪتن کان مڙي وڃي، پاڪستان فوج ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج انڊيا جي فوج کي چٿي ڇڏيندي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪشميرين کي پنهنجو حق ڏنو وڃي.اسلام ڪوٽ ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور تي ريلي ڪڍي ويئي، هائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ سمورن نجي ۽ سرڪاري اسڪولن جي شاگردن پاران پاڪستاني ۽ ڪشميري جهنڊن کي سلامتي ڏني وئي. مارچ پڻ ڪيوويو، ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ريلي ڇور ۾ به ريلي ڪڍي وئي. سڄي ملڪ جيان ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏھاڙي جي حوالي سان ڊگهڙي ۾ به اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.ڪشميرين سان اظھار يڪجھتي ۽ ڪشميرين سان ڀارتي مودي سرڪار جي ظلمن خلاف وفاقي حڪومت طرفان اڄ جي ڏينهن کي ڪشميرين جي قومي ڏينهن طور ملهائڻ واري اعلان تي شاهپورچاڪر ۾ به سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ فائن فيوچر پبلڪ اسڪول طرفان شاگردياڻين ۽ شاگردن زنجير ٺاهي ريلي ڪڍي وئي. مورو ۾ مختلف سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولز طرفان ڪشمير جي عوام سان يڪجھتي جو اظھار ڪندي ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. سڄي ملڪ جيان ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏھاڙي جي حوالي سان پٿوروشھر م به ريلي ڪڍي وئي. ڪشيمرين سان يڪجھتي طور ڦلھڏيون جي نجي بئنڪ جي عملي طرفان بئنڪ ٻاھران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ قومي جھنڊو کڻي يڪجھتي جو مظاھرو ڪيو ويو. اوٻاوڙو ٽول پلازا وٽ ڊي ايس پي موٽر وي پوليس ۽ مسافرن، ڊرائيور طرفان ڪشمير جي يڪجهتي طور اڌ ڪلاڪ گاڏيون بيهاري پاڪستان ۽ ڪشمير جو قومي ترانو هلائي مظلوم ڪشميرين جي قتلام خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڊي سي گهوٽڪي جي اڳواڻي ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڊي سي آفيس کان ڀٽائي چوڪ ميرپور ماٿيلو تائين ريلي ڪڍي وئي. ڪوٽڙي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي طور سوين ماڻهن شاندار ريلي ڪڍ، ٿاڻوبولاخان ۾ ڪشميرين سان يڪجيتي جي حوالي سان گورنمنٽ اليمينٽري اسڪول آشيانه پارڪ اسڪول کان ريلي ڪڊي وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں