اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر آصف زرداري کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسپتال مان جيل منتقل ڪيو ويو . اڳوڻي صدر آصف زرداري کي پمز اسپتال مان هڪ ڀيرو ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. اسلام آباد ۽ جيل انتظاميا اڳوڻي صدر کي بڪت بند گاڏي ذريعي جيل منتقل ڪري ڇڏيو. اختيارين چيو آهي ته پمز اسپتال جي ماهر ڊاڪٽرز تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ آصف زرداري اوڪي جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ انتظاميا کيس ڊسچارج ڪيو ۽ جيل اختياريون کيس وٺي هليون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ آصف زرداري جي تڪليف جي حوالي سان ٽيسٽس ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس پمز اسپتال جي ڪارڊيڪ سينٽر منتقل ڪيو ويو هو. ٻئي طرف پمز انتظاميا عاصفه ڀٽو ۽ نير بخاري کي آصف زرداري سان ملڻ کان روڪي ڇڏيو، جمعي تي پمز ۾ علاج هيٺ آصف علي زرداري جي عيادت لاءِ عاصفه ڀٽو ۽ نير بخاري اسپتال پهتا، انتظاميا عاصفه ڀٽو ۽ نير بخاري کي آصف سان ملڻ کان روڪي ڇڏيو، نير بخاري ٻڌايو ته عاصفه ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ دروازي تي بيٺا آهيون ۽ اسان کي آصف زرداري سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته عاصفه ڀٽو اسپتال پهچڻ کانپوءِ دروازو بند ڪيو ويو. ٻئي طرف آصفه ڀٽو اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ٻيهر جيل منتقلي کي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس والد کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار سليڪٽيڊ حڪومت هوندي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصفه ڀٽو چيو ته اڳوڻي صدر ۽ سندس والد کي خطري ۾وڌو پيو وڃي، نيب ۽ عدالتي اختيارين جي موجودگيءَ ۾تيار ٿيل رپورٽ موجب ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي اهڙي آهي جو کيس اسپتال ۾ رهڻ گهرجي. آصفه ڀٽو والد آصف زرداري جي جيل منتقلي جي مذمت ڪئي ۽ اُن کي ناانصافي قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته اڄ جڏهن هو والد سان ملڻ وئي ته ڊاڪٽرز کيس ٻڌايو ته مٿن دٻاءُ آهي ته آصف زرداري کي جيل منتقل ڪيو وڃي، جڏهن ته سندس حالت جيل منتقل ٿيڻ جهڙي نه آهي.آصفه ڀٽو مطالبو ڪيو ته آصف زرداري کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو وڃي، جيڪڏهن کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار سليڪٽيڊ حڪومت هوندي، آصف زرداري کي گهربل علاج نه ملڻ نه رڳو ناانصافي آهي پر بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. اُن موقعي تي پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، فرحت الله بابر ۽ ٻين به آصف زرداري کي جيل مان اسپتال منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟