عوام لاءِ خوشخبري، حڪومت تيل جا اگهه گهٽائي ڇڏيا، پيٽرول 4.59 رپيا في لٽر سستو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وفاقي سرڪار تيل جي اگهن ۾ لاٿ ڪري ڇڏي. تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن تحت پيٽرول جي في لٽر اگهن ۾ 4 رپيا 59 پيسا لاٿ ڪئي وئي، پيٽرول جو نئون اگهه 113 رپيا 24 پيسا مقرر ڪيو ويو. لائيٽ ڊيزل ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 7 رپيا 67 پيسا لاٿ ڪئي وئي، جڏهن ته گاسليٽ 4 رپيا 27 پيسا سستو ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب تيل جا نوان اگهه پهرين سيپٽمبر کان لاڳو هوندا.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں