ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جو اهم اجلاس جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري جي صدارت ۾ ڪنگري هائوس ۾ ٿيو اجلاس ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر پير سيد صدرالدين شاه راشدي ,ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر ,غلام مرتضي جتوئي ,سيد غوث علي شاه ,پير سيد راشد شاه ,ذوالفقار مرزا ,ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي فقير وريام خاصخيلي ,نصرت سحر عباسي ,حسنين مرزا ,عارف مصطفي جتوئي ,حاجي منور عباسي ,عرفان الله مروت ,طارق حسن,سيد شفقت حسين شاه ,جلال شاه ڄاموٽ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي پير سيد صدرالدين شاه راشدي چيو ته جي ڊي اي جي اڄوڪي اجلاس ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪئي وئي ۽ مستقبل جي باري ۾ غور ويچار ڪيو ويو,هن چيو ته سنڌ حڪومت ۾ افراتفري متل آهي عمران خان اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ لاءِ وڃي پيو اميد آهي ته هو ڪشمير,افغانستان جي مسئلن سميت مني لارڊنگ خلاف به ڳالهائيندو ,هن چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جو مستقبل روشن آهي برساتن سنڌ ۾ تباهي مچائي چڏي آهي ڪئنالن کي پڪو ڪرڻ جي نالي تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي, هن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ سينيٽرن ايم اين ايز ايم پي ايز شرڪت ڪئي آهي ,اياز لطيف پليجو چيو ته جي ڊي اي جي اجلاس ۾ ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته اڌ سنڌ ٻڏل آهي ۽ اڌ سنڌ سڪي پيو سنڌ جي گادي جو شهر ٻڏل آهي حيدرآباد ٻڏل آهي گهرن ۾ برساتي ۽ گٽرن جو پاڻي بيٺل آهي سنڌ جا سمورا ضلعا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن ٻارنهن سالن کان اقتدار تي ويٺلن سنڌ جو جيڪو انفرااسٽرڪچر ڏنو اهو ناڪاره ٿي ويو آهي نوان ٺاهيل روڊ ناڪاره ٿي ويا آهن اربين رپين جي بجيٽ هڙپ ڪئي وئي آهي سنڌ جو وڏو وزير صرف فوٽو سيشن م مصروف آهي وزير اعليٰ ٻدائي ته هن ڪهڙي ڪرپٽ آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي آهي. هن چيو ته سردار علي گوهر خان مهر ۽ سيد صدرالدين شاه راشدي سياسي رابطن جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ ڏني آهي,سنڌ م برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪيترائي معصوم ماڻهو مري ويا جنهن تي ڪابه ڪميشن نه ٺاهي وئي زارا منگي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن سنڌ ۾ ڊرينيج ۽ بندن جي بجيٽ جي وفاقي حڪومت تحقيقات ڪري ته اها ڪٿي خرڇ ڪئي وئي آهي هن چيو ته سکر لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن ۾ پاڻي ڏيڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن تعليم ۽ صحت تي خاص توجهه ڏني وڃي ايڊز ۽ ايچ آءِ وي کي روڪيو وڃي ڪندڪوٽ جيڪب آباد سانگهڙ بدين عمرڪوٽ ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن ,هن چيو ته اسان ڪشمير م ٿيل ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا ڪشمير ۾ ڪرفيو آهي ,هن چيو ته ايندڙ دور جي ڊي اي جو هوندو ,هن چيو ته ٻه هزار تيرنهن ۽ ارڙهن جي عام چونڊن م ادارن جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويوان موقعي تي سيد غوث علي شاه چيو ته ڪشمير پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو انڊيا کي ڀڄڻ نه ڏينداسين ڪراچي پاڪستان جو صاف سٿرو شهر سڏائيندو هو هاڻي گندگي جو شهر سڏجي ٿو ,عرفان الله مروت چيو ته سنڌ جي ڪرپٽ حڪومت آهي نيب ستل آهي وزيراعليٰ کي گرفتار ڪري ڪراچي جو گند صاف ڪرڻ لاءِ زرداري کي سڏايو وڃي يا بلاول جي هٿ ۾ بيلچو ڏنو وڃي اياز لطيف وڌيڪ چيو ته اسان جهموريت جي دائري م رهندي تبديلي جي ڪوشش ڪيون پيا جي ڊي اي جمھوري طريقي سان تبديلي لاءِ ڪوشان آهي پيپلز پارٽي جا درجنين اسيمبلي ميمبر ڪنگري هائوس سان رابطي ۾ آهن. سنڌ ۾ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا آهن، وڏي وزير کي گرفتار ڪيو وڃي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟