اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ احد چيما خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪامورن خلاف جاچ جي منظوري

0Shares

اسلام آباد (بيورو) نيب ڪرپشن الزامن تي ڪنهن به اميدوار کي 25 جولاءِ تائين گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن موجب نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. نيب جي پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪرپشن الزامن تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڪنهن به سياستدان يا اميدوار کي 25 جولاءِ تائين گرفتار نه ڪيو ويندو. پڌرائي۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيب ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف سميت اهم ليگي اڳواڻن جي ڪيسن جو غور سان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ خواجا آصف سميت راڻا افضل توڙي راڻا مشهود خلاف ڪيسن کي چونڊن تائين پوئتي ڪيو ويو آهي، نيب واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جو سياست يا چونڊن سان ڪو واسطو ناهي، ان کانسواءِ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، جڏهن ته آشيانا هائوسنگ اقبال اسڪينڊل ۾ گرفتار لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل احمد چيما خلاف به ريفرنس داخل ڪيو ويندو. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪي پي جي بلين ٽري سونامي منصوبي جي آفيسرن خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب طرفان ٻڌايو ويو ته بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ ڪرپشن سبب قومي ناڻي کي 19 ارب رپيا نقصان پهچايو ويو سنڌ سوشل رليف فنڊ جي ڪامورن خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي، پنجاب اسپورٽس بورڊ ايوب فيسٽيول ۾ ڪرپشن جي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي نيب چيئرمين چيو ته ڪرپشن فري پاڪستان لاءِ بنا فرق جي ڪوششون ڪري رهيا آهيون.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں