وفاقي سرڪار نيب قانون ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جوابدارن جي ضمانت ٽرائل ڪورٽ مان ٿي سگهندي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سول پروسيجرترميمي بل منظور ڪري ورتو جڏهن ته حڪومت نيب قانونن ۾ پڻ ترميم ڪرڻ وڃي رهي آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم پريس ڪانفرنس ڪدني چيو ته قائمه ڪميٽي سول قانون ۾ ترميم جو بل منظور ڪري ورتو، ديواني ڪيسن جا فيصلا هاڻ سال ڏيڍ سال ۾ ٿيندا، سيڪنڊ ايپل ختم ڪئي وئي، هڪ جج اسٽي آرڊر ڏيندو ۽ ٻيو مرڪزي ڪيس ٻڌندو.فروغ نسيم چيو ته نيب بابت اجلاس ٿيو آهي، حڪومت نيب قانونن ۾ ترميم ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن تي وزيراعظم، وفاقي ڪابينا ۽ نيب چيئرمين سڀ هڪ آهن، نيب ڪيسن ۾ ضمانت جو اختيار هاءِ ڪورٽ کان واپس وٺي ٽرائل ڪورٽ کي ڏنو ويندو، پلي بارگين بابت قانون پڻ تبديل ڪيا ويندا، پرائيويٽ ماڻهن خلاف نيب جي انڪوائري ۽ اختيار ختم ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن ٽيڪس چور واپاري جو ڪنهن سرڪاري عهدي ۽ معاملي سان تعلق ناهي ته نيب نه پر ايف بي آر يا  ايف آءِ اي ان کي ڏسندا.قانون واري وزير چيو ته ذاتي تڪرارن ۾ به نيب جو ڪو اختيار نه هجڻ گهرجي، ڪرپشن ۾ ملوث جوابدار پلي بارگين ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر سرڪاري نوڪري نه ڪري سگهندو، نيب ميگا ڪرپشن لاءِ ٺاهي آهي ۽ ان تي فوڪس هجڻ گهرجي، نيب قانونن جي تحت ڪيسن جي ضمانت ٽرائل ڪورٽ کان ٿي سگهندي. ان کان اڳ قانون واري وزير فروغ نسيم وزيراعظم عمران خان سان ملاقات پڻ ڪئي، ملاقات دوران وزيراعظم کي نيب قانون ۾ ترميم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته اهڙو قانون ٺاهڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ تڪڙو انصاف ملي سگهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں