آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ٻيهر ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي

0Shares

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي گهٽائڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير مسئلو انتهائي پيچيده ۽ گهڻو پراڻو مسئلو آهي، ان جو وڏو ڪارڻ مذهب آهي ۽ مذهبي معاملا پيچيده هوندا آهن، اُتي هندو ۽ مسلمان رهندا آهن، جيڪي پاڻ ۾ نٿا ٺهن، آمريڪي صدر چيو ته ان تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگيون لڳي چڪيون آهن پر هاڻ صورتحال انتهائي خراب آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هُن چيو ته عمران خان ۽ نريندر مودي سان ڳالهه ٻول ٿي آهي، ٻئي منهنجا دوست آهن، انهن سان سٺا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ تمام وڏا مسئلا آهن. وزيراعظم عمران خان آمريڪا آيو، ان سان ملاقات ٿي چڪي ۽ هاڻ آئون نريندر مودي سان هن هفتي فرانس ۾ ملاقات ڪندس. ٻئي طرف آمريڪا والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت فوري طور تي والاريل ڪشمير مان ڪيل گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪري ۽ بنيادي آزاديون بحال ڪري.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي هڪ سينيئر عهديدار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ اندروني معاملو آهي، پر ان جا اثر ڀارتي سرحد کان ٻاهر ويا آهن، هُن چيو ته آمريڪا سرحد پار دهشتگردي متعلق ڀارت جي خدشن کان آگاهه آهي، پر زور ڏيندو رهندو ته جيترو جلد ٿي سگهي ڀارت خطي ۾ صورتحال معمول تي آڻي.آمريڪي عهديدار چيو ته هي تڪرار ٻن طاقتن کي ورهائي رهيو آهي. ڪشمير تڪرار عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ تي هُن چيو ته پاڪستان پنهنجي فيصلي تي خودمختيار آهي پر آمريڪا جو ان باري ۾ خيال آهي ته مذڪوره مسئلو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ڊگهي عرصي کان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت  مٿان ڳالهين لاءِ زور وجهندو رهيو آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں