ڀارت جا ايٽمي هٿيار فاشسٽ مودي حڪومت جي ور چڙهي ويا آهن، دنيا ان جي تحفظ جو سوچي: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته دنيا کي هندو برتري جي خواهشمند هندو انتهاپسند مودي حڪومت جي هٿن ۾ موجود ڀارت جي جوهري هٿيارن جي باري ۾ سوچڻ گهرجي. ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بابت آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ ڪشمير جي معاملي تي عالمي برادري سان لڳاتار رابطي ۾ آهي. وزيراعظم عمرانخان سوشل ميڊيا تي ڀارت جي هندو انتهاپسند حڪومت جي فيصلي کي لڳاتار تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي. عمران خان ٽوئيٽر تي پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته جهڙي طرح جرمني تي نازين قبضو ڪيو هو بلڪل اهڙي طرح ڀارت تي هندو برتري جي خواهشمند انتهاپسند ۽ نسل پرست نظرين جي قائل مودي حڪومت قابض آهي. وزيراعظم لکيو ته مودي حڪومت 90 لک ڪشميرين کي گذريل ٻن هفتن کان والاريل ڪشمير ۾ قيد ڪري رکيو آهي جنهن پروي دنيا لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ۽ گڏيل قومن جي تبصرو ڪندڙن حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ والاريل وادي ۾ موڪليا پيا وڃن. هن اهو پڻ لکيو ته هندو برتري جي خواهشمند مودي حڪومت نه صرف پاڪستان پر ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن ۽ نهرو گانڌي جي ڀارت لاءِ به خطرو بڻجي وئي آهي، ڪوبه گوگل تي وڃي آساني سان نازي نظرين ۽ بي جي پي/آر ايس ايس جي نسل ڪش نطرين وچ ۾ هڪ جهڙائي کي سمجهي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پهريان ئي 40 لک ڀارتي مسلمان حراستي ڪيمپن ۾ قيد يا شهريت جي خاتمي کي منهن ڏئي رهيا آهن.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں