حڪومت هڪ سال جي ڪارڪردگي عوام آڏو رکي ڇڏي، اڄوڪو ڏينهن ڪشميرين جي نالي ڪيون ٿا: وفاقي سرڪار

0Shares

اسلام آباد (بيورو) خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪشمير مسئلو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ان قومي ايجنڊا تي سڀ متفق آهن، وزيراعظم لڳاتار مظلوم ڪشميرين جي جنگ وڙهي رهيو آهي، عمران خان سمورن ادارن ۾ ريفارمز متعارف ڪرايا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٻار کير ۽ بيمار دوائن لاءِ واجهائي رهيا آهن، حق لاءِ آواز اٿاريندڙ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻجي ٿو، گذريل ڪيترن ئي هفتن کان والاريل وادي ۾ ڀارتي جارحيت جاري آهي. خاص معاون چيو ته اسان صرف قومي بيانيو کڻي اڳتي هلي رهياآ هيون، ڪشمير ڪاز لاءِ اسان پنهنجي سياسي اختلافن کي پٺ پيان وجهي ڇڏيو، وزيراعظم لڳاتار مظلوم ڪشميرين جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هن هڪ سال ۾ نئين پاڪستان جي تڪميل ڪئي ان جي باوجود بدترين تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو. فردوس عاشق اعواڻ حڪومتي ڪارڪردگي بابت هڪ سال جي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته اسان کي ريلوي خساري ۾ مليو جنهن کي پيرن تي بيهاريو احساس پروگرام لاءِ 152 ارب رپيا رکيا ويا 175 ملڪن لاءِ آسان ويزا پاليسي متعارف ڪرائي ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو وزارت اطلاعات ۽ سوشل مِيڊيا جي ونگ قائم ڪئي وئي آهي گهرو وزارت اسمگلنگ روڪڻ لاءِ موثر نظام قائم ڪيو پرڏيهي وزارت ڀارت جون سفارڪانه ڪارروايون ناڪام بڻايون وزيراعظم مظلوم ڪشميرين جي جنگ وڙهي رهيو آهي هن چيو ته جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته هر اداري جو حال برو هو، خزانو خالي هو اسان 9 ارب ڊالر پرڏيهي رهتون ادا ڪيون هن وقت ساڍا 3 کان 4 لک گهر تعمير هيٺ آهن 5 سالن ۾ غريب طبقي جي ماڻهن کي گهر فراهم ڪنداسين ان موقعي تي نعيم الحق چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان کان غلطيون ٿيون 5 سالن ۾ هڪ ڪروڙ صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جو عزم آهي صحت ڪارڊ سان ساڍا 7 لک تائين مفت طبي امداد ميسر ٿيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هڪ سال جو سفر استحڪام پاڪستان جو سفر آهي اڄوڪي ڏينهن مظلوم ڪشميرين جي نالي ڪري ڇڏيو پاڪستان جا دروازا دنيا لاءِ کوليا مني لانڊرنگ روڪڻ ۽ آمدني وڌائڻ لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آندا ويا ٽوئرزم ۽ مواصلات جي پاليسي ناهي روڊ سفٽي پروگرام شروع ڪيو ويو، پوشل کاتو منافعي ڏانهن وڌي رهيو آهي ايندڙ سال تعمير پاڪستان جو سفر شروع ٿيندو اسان هر اداري ۾ سڌارن جو نظام متعارف ڪرايو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں