لاهور (بيورو) مسلم ليگ (ن) جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته هڪ سال ۾ پاڪستان ۾ تبديلي آئي آهي 10 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن مهانگائي ماڻهن کي آپگهار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي نئون پاڪستان عوام لاءِ هڪ خواب بڻجي چڪو آهي، سي پيڪ جي منصوبي کي ڪولڊ اسٽوريج ۾ وڌو ويو آهي ترقياتي منصوبا بند ٿي چڪا آهن مديني جي رياست ۾ ڪوئي غريب آپگهات ڪرڻ تي مجبور ناهي ٿيندو، رياست جو حڪمران غافل ۽ جاهل ناهي هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نارووال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي هڪ سال ٿي چڪو آهي، پي ٽي آءِ جي نمائندن چيو ته پاڪستان ۾ تبديلي اچي چڪي آهي 10 سالن جي مهانگائي جي شرح اچي چڪي آهي پاڪستان تبديل ٿي چڪو آهي 10 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن اسڪالرشپ ختم ٿي چڪي آهي اسٽاڪ مارڪيٽ، زراعت ۽ صنعت بند ٿي چڪي آهي احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ 72 سالن جو وڏو فراڊ ڪيو آهي وزيراعظم چيو هو ته 200 ارب جيڪي ٻاهر پيا آهن کڻي ايندس وزيراعظم چوندو هو ته 3 هزار ارب جي روزانو ڪرپشن ٿيندي هئي هاڻي ايماندار ماڻهن جي اچڻ اهي 3 هزار ارب هاڻي چيو وڃي ٿو هن چيو ته 15 هزار ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا عمران خان ايترو ٽيڪس به گڏ نه ڪيو جيترو اسان آخري سال ڪيو هو هي حڪومت قرضن جو ورلڊ ڪپ کٽي آئي آهي هڪ سال 7 هزار 600 کرب جو بار وڌو آهي حڪومت سادگي جي دعويٰ جي باوجود 25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي وياج جي شرح کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي رپئي جي رڪارڊ ڊي ويليوشن ڪئي ان سان 3 هزار ارب جو واڌو بار پيو آهي هن چيو ته نئون پاڪستان 22 ڪروڙ عوام لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي چڪو آهي سي پيڪ جو منصوبو اسٽوريج ۾ وڌو ويو آهي اڄ هن حڪومت جي ڪري نوان منصوبا پورا نه ٿيندا هن چيو ته سي پيڪ منصوبي کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. (ن) ليگ جو قافلو ملتان کان سکر ويندو ۽ عوام منصوبي جو افتتاح ڪندو. هن چيو ته 7 ارب قرض جو واڌو قرضن جو بار وڌو آهي هي حڪومت رڳو مخالفن جا پٽڪا لاهي سگهي ٿي هڪ سال ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو جو ڀارت اهو ڪم ڪيو جيڪو هن 72 سالن ۾ نه ڪيو پاڪستان جون هوائي حدون ڪراس ڪيون ڪشمير کي ڦٻائڻ جو عمل ڪيو هي ٻئي ڪم عمران خان جي ڪمزور پاليسين جي ڪري ٿيا. پاڪستان جيتري سينسرشپ ميڊيا تي لڳائي ويئي ميڊيا جا ڪارڪن فارغ ڪيا ويا آهن هي پاڪستان کي اونداهي ۾ رکڻ جي سازش آهي هن چيو ته هن ئي هڪ سال ۾ پنجاب جي بلدياتي نظام جو خاتمو ڪيو هن چيو ته مسلم ليگ جو دور سنهري هو. ٻئي طرف (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب حڪومت جو هڪ سال جي رپورٽ پيش ڪرڻ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته نالائق نااهل ۽ سليڪٽڊ حڪومت پنهنجي تاريخي ناڪامين ۽ عوام تي ظلم جو داستان وڏي فخر سان ٻڌائيندي هن چيو ته سليڪٽڊ ۽ نائلاڪ ۽ نااهل وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ايترو ڪوڙ ڳالهائيندو جو پنهنجا اڳيان پويان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو هن چيو ته عمران صاحب هڪ سال جي بک بدحالي مهگائي ۽ بيروزگاري جي سونامي جي تفصيل کان عوام کي آگاهه ڪريو هن چيو ته عمران صاحب ڪوڙ ڳالهائڻ کان اڳ سوچي ويچار ڪجو ته پاڪستاني عوام نه پاڳل آهي ۽ نه ئي بيوقوف آهي هن چيو ته پوءِ عمران صاحب پنهنجي ناڪامين ۽ نالائقي کي پوين حڪومتن تي وجهڻ ۽ چور چور جو شور ڪندو هن چيو ته عمران صاحب ٻڌائيندا ته هڪ سال پاڪستان ۾ خطي جو ٻيو سڀ کان مهانگو ملڪ بڻجي ويو آهي هن چيو ته عمران صاحب ٻڌائيندا ته هڪ سال ۾ ترقي جي شرح اڌ ۽ مهانگي ٽيڻ تي وڌي ويئي آهن هن چيو ته عمران صاحب ٻڌائيندا ته هڪ سال ۾ گئس جي اگهن ۾ 2 سيڪڙو ۽ بجلي جي قيمت ۾ 53 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي هن چيو ته عمران صاحب ٻڌائيندا ته هڪ سال ۾ 70 هزار ارب رپين جو تاريخي قرض وٺي رڪارڊ قائم ڪيو آهي هن چيو ته عمران صاحب ٻڌائيندا ته هڪ سال ۾ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري اڌ ٿي ويئي آهي هن چيو ته عمران صاحب ٻڌائيندا ته هڪ سال ۾ وياج جي شرح 5.25 سيڪڙو کان 13.25 سيڪڙو ٿي ويئي آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟