تحريڪ انصاف جو هڪ سال عوام لاءِ ڀوائتو خواب آهي، اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪيو جو ياد رکيو وڃي: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو هڪ سال عوام لاءِ ڀوائتو خواب آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا سان گڏجي ڪراچي جي فريئر هال ۾ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وڻڪاري مهم لاءِ اسان وڻ پوکينداسين، ڪراچي ۾ وڻن جي کوٽ آهي ۽ ڪوشش ڪنداسين ته سڄي سنڌ کي سرسبز ۽ شاداب بڻايون. هن پولي ٿين بيگز تي پهرين آڪٽوبر کان پابندي جو اعلان به ڪيو. وفاقي حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي مراد علي شاهه چيو ته تحريڪ انصاف جو پهريون سال ڀوائتو خواب آهي، حڪمرانن هڪ سال ۾ اهڙو ڪو به ڪم ناهي ڪيو، جنهن کي ياد رکيو وڃي.  هن چيو ته مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، غريب ته ڇا پر وچولي طبقي جو به گذارو نه پيو ٿئي، پيٽرول ۽ ڊالر مهانگو ڪرڻ انهن جو وڏو ڪارنامو آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت پاڻ ڪو ڪم ناهي ڪيو ۽ نه صوبن کي ڪرڻ ڏنو آهي، آئين ۾ لکيل آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس هر ٽن مهينن ۾ گهرائڻو آهي. وزيراعظم سان ملاقات بابت مراد علي شاهه چيو ته گورنر چيو وزيراعظم ڪراچي اچي ته ملاقات ٿيندي، توهان کي گهرايو ويندو ۽ دعوت ڏني ويندي پر عمران خان ٻه ڀيرا ڪراچي آيو ته مون کي ڪنهن اجلاس ۾ نه گهرايو ويو، مان روڊ تي بيهي ته نه چوندس وزيراعظم مون سان ملي پر سنڌ جي حقن لاءِ ضرور ان سان ملڻ ويندس. مرادعلي شاهه چيو ته مون کي ڪيترائي ڀيرا نااهل قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پارتي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري جي قيادت ۾ متحد آهي پيپلزپارٽي جي ميمبرن جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ ان جي ڀل آهي جيالا آمرن آڏو ڄمي بيٺا هاڻي هي پاڻ کي سنڀالين. وڏي وزير چيو ته منهنجي خلاف جنهن کي عدالت ۾ وڃڻو آهي اهو ڀلي شوق پورو ڪري آئون ٻٽي شهريت ڇڏي چڪو آهيان. ٻئي طرف سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني  وفاقي حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي کي هن ملڪ جي سڀ کان بدترين ڪارڪردگي قرار ڏيندي موجوده وفاقي حڪومت کي نا اهل ۽ نالائق حڪومت چيو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ سال دوران ملڪ جي معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت نيب کي استعمال ڪري سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون. عمران نيازي جي حڪومت گذريل هڪ سال دوران مهانگائي، بيروزگاري، عوام جو معيار زندگي، عوام کي بي گهر ڪرڻ ۽ ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. آگسٽ 2018 جي مقابلي ۾ آگسٽ 2019 ۾ ڊالر جي قيمت  ۾ روپئي جي قدر  تمام گهٽجي وئي آهي جڏهن ته بجلي ، گئس ، پيٽروليم مصنوعات ، دوائون، کائڻ پيئڻ جي شين سان گڏ وگڏ عوام جي روزمرهه جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ ڪيترائي سو سيڪڙو  واڌ  هنن جي ڪارڪردگي جو ثبوت آهي. نيازي حڪومت ۾ ميڊيا کي غير اعلانيه سينسر شپ جو منهن ڏسڻو پيو. عدليه  جي خلاف سازشون شروع ڪيون ويون ، نيب جي چيئرمين خلاف هڪ ويڊيو وائرل ڪري هن کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزير ۽ صلاحڪار پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر هئڻ جو راڳ ڳائي رهيا آهن. آچر ڏهاڙي وفاقي حڪومت جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني  چيو ته عمران نيازي وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ عوام کي پنجاهه لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جا واعدا ڪيا هئا. جڏهن ته هن هڪ سال دوران هو عوام کي  گهر ۽ نوڪريون  ته  ڏيڻ ۾  ڪامياب نه ويا پر هنن هزارين ماڻهن کي بي گهر ۽ لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو. صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته عمران خان جون معاشي ۽ انتظامي پاليسيون مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ ان جي واضح دليل گذريل سال جي ريوينيو ڪليڪشن ۾ ريڪارڊ گهٽتائي آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو آهي ته جنهن پاڪستان جو خواب نيازي حڪومت عوام کي ڏيکاريو ان ۾ صرف هن جي پنهنجي جماعت ته ضرور مستحڪم ٿي رهي آهي پر ان جي مقابلي ۾ هن ملڪ ۾ بدترين معاشي بحران پيدا ٿيو آهي. موجوده حڪمرانن جتي هن ملڪ کي بدترين معاشي بحران ۾ مبتلا ڪيو آهي ۽ ان  جو ٻوجهه عوام تي هڻندي اربين روپين جا ٽيڪسز عوام تي لڳايا ويا آهن، جنهن جي ڪري هي ملڪ معاشي طور تي نه صرف غير مستحڪم ٿي چڪو آهي پر هن ملڪ جي معيشت مڪمل طور تي تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. صوبائي وزير سعيد غني  چيو ته موجوده حڪومت جي داخله ۽ خارجه ناقص پاليسين تي منفي اثر اسان جي ٻين ملڪن سان معاشي عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهيا آهن. سعيد غني،   نيازي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته موجودهه نااهل حڪومت ۽ انهن جي سليڪٽيڊ وزيراعظم جي پاليسين هن ملڪ جي اڪثريت کي غربت جي انڌيري ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. اڄ هن ملڪ جو غريب  عوام مڪمل طور تي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي ٻئي طرف مڊل ڪلاس  طبقو پڻ پنهنجي شناخت ڀلائي رهيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ سيڙپڪاري هڪ اهم جز هوندي آهي پر موجوده نا اهل حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري هن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جو گراف تمام هيٺ ڪيرائي ڇڏيو آهي ۽ آءِ ايم ايف ۽ ٻين ڊونرز ايجنسين کان ورتل قرضن سبب بجلي ، گئس ، پيٽروليم سميت ٻين مصنوعات جي قيمتن ۾ جنهن حد تائين اضافو ٿيو آهي، ان غريب ۽ مڊل ڪلاس طبقي سان گڏوگڏ سرمائيدار طبقي جي پڻ چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته هنن جي حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ جي ڪري روپئي جي قدر ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ تاريخي گهٽتائي ٿي آهي ۽ روپئي جي قدر ۾ اضافي ۾ جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي اها به روپئي جي قدر ۾ ڪو به اضافو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه وئي ۽ اڄ ان جا اثر عام عوام تي پيا آهن. هن چيو ته ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب اسان جي ايڪسپورٽ مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ اسان جا صنعتڪار ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني موجوده وزيراعظم ۽ ان نااهل ۽ نالائق ڪابينه کي به شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هن جو هڪ وزير هڪ بيان ڏيندو آهي ۽ ٻيو وزير ان جي بيان کان انڪار ڪندي  پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي جا پاڻ پول پڌرا ڪن ٿا.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں