ڊڪٽيٽر ناهيان جو ڀڄي وڃان، ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو عدالتي ڪمري ۾ ٻڌڻ چاهيان ٿو: نواز شريف

0Shares

لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 21 ڏينهن کان وٺي منهنجي گهرواري وينٽي ليٽر تي آهي، گذريل ڏينهن منهنجي گهرواري جو آپريشن ٿيو آهي، ڊاڪٽر پراميد آهن ته ڪجهه ڏنهن ۾ ڪلثوم نواز جي طبعيت خطري کان ٻاهر ٿي ويندي، خواهش آهي ته پاڪستان وڃڻ کان اڳ پنهنجي گهرواري کي هوش ۾ ڏسان ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪيان، گذريل سال جولاءِ کان وٺي هيل تائين هڪ جهڙن فيصلن ۽ هڪ طرفي ڪارروائي کي منهن ڏئي رهيو آهيان چاهيان ٿو ته ايندڙ فيصلو عدالتي ڪمري ۾ ٻڌان. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته سڄي دنيا منهنجي خلاف ڪيسن ۽ انتقامي ڪاررواين کان واقف آهي، عوامي نمائندو آهيان، ڪنهن به بزدلي جو مظاهرو ڪري قوم کي مايوس نه ڪندس، عوام جي حڪمراني ۽ ووٽ جي عزت لاءِ هر قرباني ڏيندس، ڊڪٽيٽر ناهيان جو ڊڄي ڀڄي وڃان. سندس چوڻ هو ته عوام جي حڪمراني جو رستو روڪيندڙ عبرت جو نشانو بڻجي ويندا، ووٽ کي عزت ڏيو نعري تي قوم مون سان گڏ آهي، جيئن ئي گهرواريءَ جي طبعيت درست ٿي ته پاڪستان موٽي ويندس، نواز شريف چيو ته ايون فليڊ ريفرنس جو فيصلو عدالتي ڪمري ۾ ٻڌڻ چاهيان ٿو ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي جي تاريخ وڌائي وڃي هن چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد ناهي ميڊيا تي ڪنهن جو ڪنٽرول آهي اهو سڀ ڄاڻن ٿا فيصلو منهنجي حق ۾ اچي يا خلاف ٻنهي صورتن ۾ پاڪستان موٽي ايندس جيپن وارا عبرت جو نشان بڻجڻ وارا آهن 25 جولاءِ تي عوام جو فيصلو تقدير بدلائي ڇڏيندو مان هر قرباني لاءِ تيار آهيان.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں