سلامتي ڪائونسل پاران والاريل ڪشيمر ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي ڳڻتي جو اظهار، ڀارتي حربا ناڪام ٿي ويا: پاڪستان

0Shares

نيويارڪ/اسلام آباد (م ڊ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، چين چيو آهي ته ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل مسئلو آهي جنهن جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چين جي مستقل مندوب ٻڌايو ته سلامتي ڪائونسل اجلاس ۾ سمورن 15 ملڪن والاريل ڪشمير ۽ اتي انساني حقن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪشمير جي حوالي سان چين جو موقف بلڪل واضح آهي جنهن جو اظهار چيني وزيراعظم پنهنجي پاڪستاني ۽ انڊين هم منصبن سان ڪري چڪا آهن، يو اين سيڪريٽري جنرل پڻ ان تي پنهنجو بيان ڏنو آهي.هن چيو ته ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ تڪراري علائقو آهي، ڪشمير جو اڃان تائين فيصلو نه ٿيو آهي ۽ اهو عالمي سطح تي تسليم ٿيل مسئلو آهي، ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب هجڻ گهرجي. چين جي مستقل مندوب چيو ته ڀارت آئين ۾ ترميم ڪري اسٽيٽس ڪو ۽ گڏيل معاهدن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارت طرفان کنيل قدم قابل قبول ناهن، انهن قدمن سان چين جي سلامتي پڻ متاثر ٿي آهي.هن چيو ته چين چاهي ٿو ته معاملي کي وڌيڪ پيچيدا نه ڪيو وڃي ۽ ٻئي ملڪ ان حد تائين معاملن کي نه وٺي وڃن جو ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿئي، ٻنهي ملڪن کي هڪ طرفي قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۽ ڀارت چين جا دوست ۽ پاڙيسري آهن، ڀارت ۽ پاڪستان ترقي پذير ملڪ آهن جيڪي ترقي جي اهم موڙ تي بيٺل آهن، انهن کي گهرجي ته هوخطي ۾ امن امان کي برقرار رکن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ 50 سالن بعد ڪشمير جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس پاڪستان جي درخواست تي سڏايو ويو هو، اجلاس دوران ڪائونسل جي ميمبرن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اجلاس ختم ٿيڻ بعد گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته اڄوڪي اجلاس جي آجيان ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ ته، اجلاس پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي خط تي سڏايو ويو. مليحه لوڌي چيو ته سلامتي ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيڻ ڀارت جي ان موقف کان انڪار آهي ته ڪشمير هُن جو اندروني معاملو آهي. ڪشمير ۾ ماڻهن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا. ڪشميرين کي قيد ڪري سگهجي ٿو پر انهن جو آواز دٻائي نه ٿو سگهجي. اڄ سڄي دنيا ۾ ڪشمير جي معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي، هٿين خالي ڪشميرين جو آواز اڄ دنيا جي معتبر ترين فورم تي ٻڌو ويو. سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ختم ٿيڻ بعد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، ڀارت وائکو ٿي ويو، ڀارت اڄ صبح تائين به ڪوششون ڪري رهيو هو ته اجلاس منعقد نه ٿئي. ڪائونسل جا ميمبر ڀارت جي چوڻ ۾ نه آيا ۽ اجلاس منعقد ٿيو. شاهه محمود قريشي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته، 50 سالن بعد پهريون ڀيرو سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشمير مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويو، ڀارت ڪشمير مسئلي کي سڄي دنيا کان لڪايو. هن چيو ته اڄ دنيا تسليم ڪيو آهي ته ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو ناهي، اهو عالمي مسئلو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو ڪيس ٻن نقطن تي ٻڌل هو. ڀارت چوندو هو ڪشمير اندروني معاملو آهي، ان کي سلامتي ڪائونسل ۾ آڻڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائڻ لاءِ يواين فوجي مبصرن ۽ پوليٽيڪل افيئرز جي نمائندن کي سڏايو ويو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو هو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي. عالمي برادري سمجهي ٿي ته حقيقتون سامهون اينديون. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس بعد واضح ٿي ويو ته عالمي برادري به ڪشمير جي صورتحال کي ڏسي رهي آهي، رابطا بحال ٿيڻ بعد ڪشمير جي زميني حقيقت سامهون اچي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ ڀارتي حربا ناڪام ٿي ويا عالمي اداري ۾ ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف ٻڌيو ويو اسان ڀارت جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن ۾ موجود  آهي ڀارت اڄ سڄي دنيا ۾ وائکو ٿي ويو سلامتي ڪائونسل جا ميمبر ڀارت جي حربن ۾ نه آيا ڀارت ڪيستائين ڪشميرين تي پابنديون مڙهيندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں