ڪوئيٽا ۾ مسجد اندر زوردار ڌماڪو، پيش امام سميت 5 ڄڻا شهيد، 23 زخمي

0Shares

ڪوئيٽا (بيورو) ڪوئيٽا جي مقامي علائقي ڪچلاڪ ۾ مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ مسجد جي امام سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ۽ 23 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا صدر عارف علوي وزيراعظم عمران خان، صوبائي گورنر وڏا وزير ۽ سياسي شخصيتن مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگرد اهڙين بزدلاڻين ڪارروائين سان پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن. پوليس موجب مسجد ۾ ڌماڪو جمعي جي نماز کان پوءِ ٿيو ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو جڏهن ته ڌماڪي سان مسجد سميت ڀرسان وارين عمارتن کي به سخت نقصان پهتو ڌماڪي جي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پوليس ۽ ريسڪيو ٽِيمون ٿڏي تي پهتيون ۽ ڌماڪي واري هنڌ کي گهيري ۾ آڻي ورتو پوليس جو چوڻ هو ته ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيز ذريعي ڪيو ويو جڏهن ڌماڪيدار مواد مسجد جي ممبر هيٺ رکيو ويو هو ڌماڪي سبب 5 شهيد ٿي ويا جڏهن ته 23  کان وڌيڪ زخمي ٿيا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڌماڪي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ڀرسان وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف صدر ۽ وزيراعظم بم ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي ۽ شهيد جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، ن ليگ صدر شهباز شريف، وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال ۽ ٻين پاران ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان افسوس جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم ڪوئيٽا جي علائقي ڪچلاڪ جي مدرسي ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ دشمن عناصر پاڪستان جو امن خراب ڪرڻ ۾ سرگرم ٿي ويا آهن اهڙن عناصرن جا عزم خاڪ ۾ ملايا وڃن اهڙن دشمن عناصرن کي عوام جي طاقت سان ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں