وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ وچ ۾ رابطو، ڪشمير معاملي تي ڳالهيون

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي ڪنهن به صورت ۾ دٻائي نٿو سگهجي. وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر مودي سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته فاشسٽ ۽ غرور ۾ مبتلامودي حڪومت کي خبر هجڻ گهرجي ته فوجن، ويڙهاڪن ۽ دهشتگردن کي طاقتور فورسز ذريعي ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن هڪ قوم پنهنجي آزادي جي لاءِ گڏ هجي ته هو نه موت کان ڊڄندي آهي ۽ نه ئي دنيا جي ڪا طاقت اهڙي قوم کي منزل تائين پهچڻ کان روڪي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته مودي جي اڳواڻي ۾ سمورا لساني ۽ فاشسٽ حربا والاريل ڪشمير ۾ ناڪام ويندا ۽ ڪشميرين جي  آزادي واري جدوجهد کي ڪنهن به صورت ۾ دٻائي نٿو سگهجي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو، وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي اڳرائي بابت آگاهي ڏني، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ 20 منٽن تائين ڳالهه، ٻولهه جاري رهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں