جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل حوالي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت آصف زرداري کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليندي 19 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. احتسابعدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي ٽيم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي عدالت ۾ پيش ڪيو. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڪيس ۾ هڪ نئين اڳڀرائي ٿي آهي. هڪ جوابدار بيان ڏنو ته ان کي آصف زرداري سان ڪنفرنٽ ڪرائڻو آهي ان ڪري آصف زرداري جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.  هوڏانهن عدالت ۾ بڌڻي دوران آصف زرداري ڪٽهڙي ۾  جج آڏو اچي چيو ته عيد جي نماز به پڙهڻ نه ڏني وئي، عرفان منگي هتي هجي ته کانئس پڇو ته هي ڪهڙي اسلامي رياست آهي. عدالت جي اجازت باوجود مون کي منهنجي نياڻيءَ سان ملڻ نه ڏنو ويو. آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ راهداري رمانڊ جي درخواست داخل ڪئي ان تي عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان جواب طلب ڪري ورتو. اڳوڻي صدر آصف زرداري جيل ۾ سهوليتن جي لاءِ اي ڪلاس جي درخواست ڏيندي چيو ته ميڊيڪل سهوليتون ۽ مائٽن سان ملڻ جي اجازت به ڏني وڃي. احتساب عدالت آصف زرداري کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليندي 19 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں