والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو، حالتون سنگين، حريت اڳواڻن پاران عوام کي روڊن تي نڪرڻ جي اپيل

0Shares

سرينگر(م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ مسلسل 13هين ڏينهن به ڪرفيو برقرار رهيو ۽ قابض فوج ڪيترن ئي ماڳن تي ڪشميرن کي جمعي جي نماز ج ادائيگي کان روڪي ڇڏيو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ۾ مسلسل 13هين ڏينهن به ٽيلي ويزن، ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي.رپورٽ موجب ڪرفيو جي ڪري ڪشميري مسلمانن کي مسجد ۾ وڃڻ کان روڪڻ جا به اطلاع آهن. حريت فورمز، وڪيلن، صحافين، واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن ڪشميري عوام کان اپيل ڪئي آهي ته هو ڀارتي ظلم جي خلاف والاريل ڪشمير ۽ ڪارگل ۾ پنهنجي حق جي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرن. حريت فورمز پنهنجي بيان ۾ ماڻهن کان ڪرفيو ۽ پابنديون ٽوڙن جي اپيل ڪندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ڪشميرين جي زمين آهي ۽ اُها ئي مستقبل جو فيصلو ڪندي. هنن عالمي برادري کان اپيل ڪئي ته هو ڪشميرين کي بچائڻ جي لاءِ بنا ڪنهن دير جي مداخلت ڪن. ٻئي پاسي والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبه مفتي جي ڌيءَ ڀارتي گهرو وزارت امت شاهه کي خط لکيو آهي ته جڏهن ڀارت آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيو هو ته ڪشميري بنيادي انساني حقن کان به محروم ڪري جانورن جيان قيد ۾ هئا.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں