لاهور (بيورو): نيب مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ نواز شريف جي ڀائيٽي يوسف عباس کي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.ذريعن موجب مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جي لاءِ ڪوٽ لکپت جيل پهتي هئي جتي نيب ٽيم پهريان ئي موجود هئي جنهن پوءِ جيئن ئي مريم نواز پهتي نيب کيس گرفتار ڪري ورتو.نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب موريم نواز ۽ يوسف عباس کي چوڌري شگرملز ڪيس ۾گرفتار ڪيو ويو آهي، نيب چيئرمين جي حڪم تي ڊاڪٽرن جي ٽيم مريم نواز ۽ يوسف عباس جو طبي معائنو ڪندي جنهن کان پوءِ ٻنهي کي اڄ لاهور عدالت ۾ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو.نيب پڌرائي موجب پرڏيهي شيئر هولڊرز طرفان مريم نواخ کي شيئرز جي منتقلي جي تفصيلن تي وضاحت گھري وئي هئي، سڀني شيئرز جي منتقلي 21 مئي 2018 تي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، شيخ زڪاالدين طرفان 20 لک 21 هزار 760 شيئرز مريم نواز جي نالي تي منتقل ڪيا ويا ۽ هاني احمد ڄام طرفان 97 هزار 33 شيئرز مريم نواز کي منتقل ٿيا.نيب ذريعن موجب نيب مريم نواز کان ان سوال جي وضاحت گھري هئي ته مريم نواز 70 لک شيئرز يوسف عباس کي منتقل ڪيا، اهي شيئرز 20.7.2011 تي يوسف عباس نصير عبدالله کي ٽرانسفر ڪيا ۽ ان کان پوءِ اهي شيئرز حسين نواز کي منتقل ڪيا ويا، نيب مريم نواز کان انهن شيئرز جون رسيدون، رقم جي ادائگي ۽ ايگريمنٽ جا تفصيل به ساڻ آڻڻ جو چيو هو. نيب ذريعن چيو آهي ته چوڌري شگرملز ڪيس ۾ مريم نواز 31 جولاءِ تي موڪليل سوالنامي جا اطمينان جوڳا جواب نه ڏنا هئا جنهن تي کيس ٻيهر سوالناما موڪليا ويا هئا ۽ کيس اڄ جواب ڏيڻ جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو پر مريم نواز نيب ٽيم جي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ذريعن موجب نيب طرفان مريم نواز کي ڏنل سوالنامي مان سرمائيڪاري ۽ ايراضي بابت مختلف سوال ڪيا ويا هئا ۽ اهو پڇيو ويو هو ته چوڌري شوگرملز جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن ۽ اها مل ڪڏهن لڳائي وئي. سرمائيڪاري ڪٿان کان آئي ۽ شيئر هولڊر ڪير آهن. 01
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟