اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون جڏهن ته ڀارت جنگ مڙهي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. وزيراعظم عمران خان سنيئير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اها عام رواجي جنگ آهي، اسان کي اها جنگ کٽڻي آهي، ڀارت ڪشمير تان توجهه هٽائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. عمران خان چيو ته هٿين خالي ڪشميرين تي وڌندڙ ڀارتي ظلمن سان عالمي قومن کي آگاهه ڪنداسين، ڀارت والاريل وادي ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان دنيا کي ٻڌائينداسين ته مودي سرڪار ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي، ڀارت والاريل ڪشمير جا جاگرافيا تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، مودي سرڪار هٽلر جهڙي سوچ رکي ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين، اسان جنگ نه ٿا چاهيون، ڀارت جنگ مڙهي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، اها عام راءِ جي جنگ آهي، اسان کي اها جنگ کٽڻي آهي. عمران خان خدشو ظاهر ڪيو ته ڀارت ڪشمير تان توجهه هٽائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، مون نريندر مودي سان هميشه امن جي ڳالهه ڪئي. ان کان علاوه وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائٽ تي جاري پيغام ۾ چيو ته پوري دنيا منتظر آهي ته ڪرفيو هٽي ته ڏسون ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين سان ڇا ٿي رهيو آهي. عمران خان چيو آهي ته بندوق جي استعمال سان ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ زور وٺندي، اسان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، مودي خطي جو هٽلر بڻجڻ چاهي ٿو، ڀارتي ظلمن خلاف سڄي دنيا کي آگاهي ڏينداسين، پاڪستان جي سلامتي لاءِ آخري حد تائين وينداسين. هوڏانهن پاڪستان ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن خلاف سلامتي ڪائونسل ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن خلاف سلامتي ڪائونسل ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 28 ملڪن کي قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن ۽ ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. يورپي يونين کي باور ڪرايو آهي ته ڀارت ڳالهين کان لنوائيندو آهي ۽ جيڪڏهن يورپي يونين ڪشمير معاملي ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته پاڪستان تيار آهي، دُنيا ڏٺو آهي ته ڀارت امريڪي صدر ٽرمپ جي ٽياڪڙي وار آڇ کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلي تان دُنيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ پلواما 2 جهڙو ڊرامو ڪري سگهي ٿو، ڀارتي سرڪار طرفان ڪشمير کي اندروني معاملو قرار ڏيڻ غلط آهي، اسان اُن کي رد ڪريون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان طرفان فضائي حدود محدود ڪرڻ واريون خبرون غلط آهن، فيصلو ڪيو آهي ته سمجهوتا ايڪسپريس نه هلائي ويندي، باقي افغانستان سان واپار متاثر نه ٿيندو، اُن حوالي سان انڊراسٽينڊنگ (سمجهوتو) برقرار آهي. جڏهن ته ڪرتاپور راهداري جي حوالي سان واعدي تي قائم آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي خلاف سيف گارڊ وٺندو، سياسي ۽ سفارتي آپشنز کي به ڏسي رهيا آهيون، ڀارت ڪيستائين هڪ ڪروڙ 40 لک ڪشميرين کي قيد ۾ رکندو، ڪشمير معاملي تي نهرو جا 14 واعدا موجود آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت جو والاريل ڪشمير کي اندروني معاملو چوڻ قانوني طور تي غلط آهي ۽ اسان ان کي رد ڪريون ٿا، اهو تاثر درست ناهي ته آرٽيڪل 370 ڀارت جو اندروني معاملو آهي، نهرو ڪيترائي ڀيرا واعدو ڪيو ته ڪشمير جو فيصلو اتان جي عوام جي خواهش موجب ٿيندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟