سپريم ڪورٽ ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي عهدي تان نه هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته اصغر خان ڪيس ۾ بشير ميمڻ کي نه هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بشير ميمڻ ڊي جي ايف آءِ اي رهندو، ڪالهه کان ميڊيا ۾ ڊي جي ايف آءِ جي بدلي جو گوڙ آهي، عدالتي حڪ جي ڀڃڪڙي ٿي ته ايڪشن ورتو ويندو. تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ڊي جي ايف آءِ اي جي تبديلي جي خبرن جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته اصغر خان ڪيس ۾ بشير ميمڻ کي نه هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بشير ميمڻ ڊي جي ايف آءِ اي رهندو، ڪالهه کان ميڊيا ۾ ڊي جي ايف آءِ اي جي بدلي جو گوڙ آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي عدالتي حڪم کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ڊي جي ايف آءِ اي کي تبديل ناهي ڪيو ويو، چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سخت ايڪشن ورتو ويندو. چيف جسٽس ڊي جي ايف اي سان مڪالمو ڪندي چيو ته ٻڌايو ته محسن وڙائچ لنڊن ڪيئن هليو ويو، اين آءِ سي ايل ڪيس ۾ محسن وڙائچ جو نالو اي سي ايل ۾ هو، توهان بنا ڪنهن شڪ جي جاچ اداري جا سربراهه آهيو، منهنجا پنهنجا به ذريعا آهن جتان خبر ملي آهي. جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته هن جي خيالن ۾ محسن وڙائچ پاڪستان کان ٻاهر ناهي ويو، چيف جسٽس چيو ته عدالت حڪم بعد محسن وڙائچ لنڊن پهتو، ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو ته محسن وڙائچ جي روانگي جا تفصيل اڄ ئي گڏ ڪندس.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں