جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري جي جسماني رمانڊ ۾ 8 ڏينهن واڌ

0Shares

اسلام آباد (بيورو): احتساب عدالت جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي جسماني رمانڊ ۾ 8 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏ. احتساب عدالت اسلام آباد ۾ آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جاچ دوران ڪيتريون ئي نيون شيون سامهون آيون آهن. اصل ڪاغذ ۽ مهرون هٿ ڪيون ويون آهن ان ڪري آصف زرداري جي جسماني رمانڊ ۾ 8 ڏينهن جي واڌ ڪئي وڃي.ٻڌڻي دوران آصف زرداري روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته مون کان نيب 40 سوال پڇي ورتا آهن پر مون کي منهنجي وڪيل لطيف کوسي سان ملڻ به نٿو ڏنو وڃي. آصف زرداري چيو ته وڪيل سان ڳالهين کان سواءِ ڪيئن جواب ڏيندس. جنهن تي جج آصف زرداري کي وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته اوهان پنهنجي وڪيل جي ذريعي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪريو.ان موقعي تي آصف  زرداري جي وڪيل لطيف کوسه چيو ته رمانڊ ۾ واڌ ڪرڻي آهي ته ڪري ڇڏيو اسان کي ڪو اعتراض ناهي. ٻڌڻي دوران وڪيل لطيف کوسه فريال ٽالپر جي جسماني رمانڊ ۾ به 16 آگسٽ تائين واڌ گهري جنهن تي جج چيو ته نيب هڪ ئي ڏينهن جو رمانڊ گهريو آهي مان وڌيڪ ڪيئن رمانڊ ڏيان.؟ان موقعي تي فريال ٽالپر چيو ته مان سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اڄ واپس وڃڻ چاهيان ٿي. جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته نيب ٻڌائي ته رمانڊ جي درخواست تبديل ڪرڻي آهي يا نه جنهن تي نيب چيو ته اسان  ٿوري دير ۾ فريال ٽالپر جي رمانڊ بابت عدالت کي ٻيهر آگاهه ڪريون ٿا.ٻئي طرف عيد تي آصف زرداري کي مائٽن سان ملاقات جي اجازت ڏيڻ بابت جج چيو ته عيد تي زرداري  سان ٻارن جي ملاقات انتظامي معاملو آهي ان معاملي تي عدالت ڪيئن حڪم ڏئي.؟ جنهن کان پوءِ عدالت آصف علي زرداري جي جسماني رمانڊ ۾ 8 ڏيهن جي واڌ جو حڪم ڏيندي 16 آگسٽ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي طرفان ضمانت رد ڪرڻ کان پوءِ نيب جي ٽيم آصف زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو هو. 01

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں