وڏي وزير رين ايمرجنسي جي صورت ۾ لاڳاپيل کاتن کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ رين ايمرجنسي بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن۾ ترجيحن جو تعين ڪيو ويو جنهن تحت سورس ڊيليوري تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن هر قسم جي نقصان تي ضابطو آندو وڃي. هن ڊويزنل ڪمشنرن کي فوڪل پرسن ڊڪليئر ڪيو جيڪي مختلف کاتن سوڌو انتظاميا، پوليس، لوڪل باڊيز، پي ڊي ايم اي، اسپتالن، پي ايڇ اي کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ونگز/کاتن سان رابطو ۽ گڏجي ڪم ڪندا ته جيئن برسات سان متاثر ٿيندڙ علائقا جتي موسميات کاتي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي اتي ماڻهن کي وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي ۾ ڪابه ڪسر باقي نه رهجي وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزير شبير بجاراڻي، مخدوم محبوب الزمان، سعيد غني، سيد ناصر حسين شاهه، فراز ڏيرو، وڏي وزير صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، قائم مقام چيف سيڪريٽري محمد وسيم، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، آئي جي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام، ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي، سيڪريٽري پي ايڇ اي روشن شيخ، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سڪريٽري پي ڊي ايم اي سيد سلمان شاهه کان علاوه ڪراچي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز ڊويزنل ڪمشنرن، ايڊيشنل آئي جيز، ڊي آئي جيز ۽ صوبي جي ٻين ڊويزن ۽ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو وي ته خليج بنگال جي شمال ڏانهن ۽ کيس آسپاس جي علائقن مان هڪ هوا جو گهٽ دٻاءُ برسات جي صورت ۾ جڙي رهيو آهي ۽ اهو مغرب ڏانهن وڌي رهيو آهي اهو انڊين گجرات ۾ 9 آگسٽ 2019 جي صبح تائين پهتو هو. ان سسٽم جي اثر تحت تيز هوائن ۽ طوفاني برساتن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 9 آگسٽ کان 11 آگسٽ 2019 جو امڪان آهي. اجلاس کي هو پڻ ٻڌايو ويو ته ان عرصي ۾ تيز هوائن ۽ طوفان سان برسات لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ به هجڻ جو امڪان آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تيز برسات جي صورت ۾ ڪراچي، ٺٽو، بدين، حيدرآباد ضلعن ۾ هفتي ۽ آچر جو اربن فلڊ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته هو 24 ڪلاڪن جي اندر ان حوالي سان ٻئي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهيان. پهريون اجلاس حيدرآباد ڪوٺايو ويو ۽ ٻيو اجلاس اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي رهيو آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر مڪاني کاتن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ذريعي سڀني لوڪل باڊيز کي هدايت ڪئي ته هو سڀئي بند پيل نالن ۽ نيڪالي واري نظام جي صفائي ۽ پمپس ذريعي پاڻي ڪڍڻ جي ڪم کي يقيني بڻائي. ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ضلعن کي چيو ويو ته هو هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي هر ضرورت کان آگاه ڪيو وڃي. پي ڊي ايم اي وڏي وزير  جي هدايتن تي چئن ڊويزنل هيڊڪوارٽرن کي 141 هيوي ڊي واٽرنگ پمپس (45-25 ايڇ پي، 6 کان 10 ڊايا) فراهم ڪيا آهن. 53 ڊي واٽرنگ پمپس ڪراچي ڊويزن کي 67 حيدرآباد ڊويزن کي، 15 لاڙڪاڻي کي ۽ 6 سکر ڊويزن کي فراهم ڪيا ويا آهن. پي ڊي ايم اي چيو ته هاڻي به 95 ڊي واٽرنگ پمپس کيس ذخيري ۾ موجود آهن ۽ انهن کي به ضرورت پوڻ تي استعمال ۾ آندو ويندو. وڏي وزير پاران هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو  ويو ته ڪراچي وٽ 10 ڪرين مائونٽيڊ وهيڪلز آهن ۽ هر هڪ وهيڪل ۾ 2 ڊي واٽرنگ پمپس آهن. حيدرآباد وٽ 6 ڪرين مائونٽيڊ ڪرين وهيڪلز آهن، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جا ٻه ٻه آهن. وڏي وزير حيدرآباد ڊويزنل  ۽ ضلعي انتظاميا کي وڊيو لنڪ تي ڳالهائيندي چيو ته واسا ڊي واٽرنگ جي ڪم ۾ بجلي نه هجڻ سبب ناڪام ٿيو هو. هن چيو ته ان کي گهرجي ته هو پنهنجي پمپنگ اسٽيشن کي هلائڻ لاءِ بجلي جو متبادل بندوبست ڪري. هن چيو ته آئون هن ڀيري اهڙي قسم جي ناڪامي کي برداشت نه ڪندس.  هن چيو ته اسان کي پنهنجي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي ۽ هڪ نئين محنت ، جذبي ۽ تجربي سان ڪم ڪرڻو آهي. اسپيشل سيڪريٽري ايريگيشن اسلم انصاري چيو ته ايريگيشن کاتي ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ پشتا ۽ بند تعمير ڪيا آهن ۽ جبلن کان ايندڙ پاڻي جي ريلي کي روڪڻ لاءِ به اُپاءُ ورتا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته پاڻي کي روڪڻ سان ٻوڏ جو امڪان آهي. هن چيو ته بند/پشتا پاڻي پيدا ڪرڻ جو ذريعو نه آهن ۽ چيو ته جلد ڪارروائي ڪري ٻوڏ کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته پشتن جي نه هجڻ سان ٻوڏ وارو پاڻي وڌيڪ ٿيندو ۽ بندن کانسواءِ وڏي درجي جي ٻوڏ جو خطرو آهي. اسلم انصاري چيو ته هلندڙ برساتن ۾ ڪوبه پشتو/بند ناڪام نه هوندو. وڏي وزير چيو ته اربن فلڊنگ جو مين روٽ ڪاز قدرتي لائنز مثال طور روڊن سان امبينڪمنٽس مناسب ڪراس اوور کانسواءِ تعمير، جابلو علائقن تي پلاٽنگ ۽ جابلو علائقن مان ايندڙ پاڻي جر ستن ۾ حددخليون آهن. اسپيشل سيڪريٽري ايريگيشن اسلم انصاري چيو ته لاٽ نئي تي هائوسنگ اسڪيمون تعمير ڪيون ويون آهن. وڏي وزير چيو ته هو ڪراچي جي هايڊرولوجيڪل اسٽڊيز ڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته آئون پاڻي جي نيڪال واري نظام کي گڏيل منسلڪ ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهيان ته جيئن گند ڪچرو برساتي پاڻي سان گڏ ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ هر هڪ جاءِ تي نه اڇلايو وڃي. اجلاس جي آخر ۾ وڏي وزير سڀني اسپتالن کي ايمرجنسي ڊڪليئر ڪرڻ ۽ ضروري دوائن جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اهي تيز برساتن ۽ عيد جي ڏينهن ۾ ماڻهن کي بهترين خدمت فراهم ڪري سگهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں