نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بابت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ختم ڪندي رياست کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مودي سرڪار ڀارتي آئين ۾ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بابت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ والاريل ڪشمير هاڻ رياست نه پر وفاقي علائقو سڏرائيندو جنهن جي قانونساز اسيمبلي هوندي. مودي سرڪار والاريل وادي کي 2 حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير کي لداخ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لداخ کي وفاق جي انتظام هيٺ علائقو قرار ڏنو ويندو ۽ ان جي به قانونساز اسيمبلي هوندي. ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه پارليامينٽ راجيه سڀا ۾ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بابت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ختم ڪرڻ جو بل به پيش ڪيو. اجلاس جي دوران ڀارتي اپوزيشن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سخت احتجاج ڪيو. ڀارتي آئين جي ان شق ختم ٿيڻ سان فلسطينين جيان ڪشميري به بي وطن ٿي ويندا. ڇو ته ڪروڙن جي تعداد ۾ غير مسلم آبادگار ڪشمير ۾ آباد ٿي ويندا ۽ هو ڪشميرين جي زمينن، وسيلن ۽ روزگار تي قبضو ڪري وٺندا. ڀارت جي آئين جي قلم 370 تحت رياست جمون ڪشمير کي وفاق ۾ هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. والاريل ڪشمير کي پنهنجو آئين ٺاهڻ جي اجازت آهي ۽ ڪيترائي معاملا به ڀارتي وفاقي آئين جو لاڳو ٿيڻ ڄمون ڪشمير ۾ منع آهي. آرٽيڪل تحت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کان سواءِ ڀارت جو ڪوبه شهري يا ادارو ملڪيت خريد نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته صنعتي ڪارخانا ۽ ڊيم جي لاءِ زمين به حاصل نٿي ڪري سگهجي. قلم 370 ۽ 35 اي جي رد ٿيڻ کان پوءِ والاريل ڪشمير جي آبادياتي، جغفرائي ۽ مذهبي صورتحال تبديل ٿي ويندي. والاريل ڪشمير۾ رهندڙ مسلمانن جي اڪثريت ختم ٿي ويندي. ٻئي طرف ڀارت ڄمون ۽ ڪشمر کي خاص حيثيت ڏيندڙ قلم 370 ختم ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ ملڪ جي مختلف علائقن مان پئرا ملٽري فورسز جي وڌيڪ 8 هزار اهلڪارن کي ڀارتي هوائي جهازن جي ذريعي والاريل ڪشمير پهچايو پيو وڃي ڪشميري ميڊيا سروس موجب ڀارتي فضائيه جي سي 17 جهاز فورسز اهلڪارن کي سرينگر پهچايا ويا آهن ۽ هي 8 هزار اهلڪار گذريل هفتي والاريل علائقي ۾ مقرر ڪيا ويا 8 هزار فورسز اهلڪارن کان علاوه آهن اضافي فورسز اهلڪارن جي مقرري جو مقصد سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي ڇو ته رياست جي خاص حيثيت ڪشميرين جي لاءِ هڪ جذباتي معاملو آهي قلم 370 جي تحت ڄمون ۽ ڪشمير جو پنهنجو هڪ آئين آهي ۽ ان کي دفاع، مواصلات ۽ پرڏيهي معاملن کان سواءِ سمورن اهم معاملن ۾ فيصلي سازي جو اختيار حاصل آهي ڀارتي آئين سان هن قلم ختم ڪرڻ سان ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ٿي ويندي ڀارتي حڪومت چيو ته هو چاهي ٿي ته پارليامينٽ ڄمون ۽ ڪشمير کي مرڪز جي انتظام هيٺ ٻن مختلف علائقن ۾ ورهائڻ جي مسودي جي منظوري ڏي جنهن تحت ڄمون ۽ ڪشمير دهلي وانگر ڀارتي حڪومت جي انتظام هيٺ هڪ يونين ٽريٽري هوندي جنهن جي پنهنجي قانونساز اسيمبلي هوندي جڏهن ته لڌاخ قانون ساز اسيمبلي کان سواءِ يونين ٽريٽري هوندي. هوڏانهن ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ غيريقيني صورتحال دوران قابض انتظاميه وڏي پئماني تي ڪرفيو لاڳو ڪري ماڻهن جي چرپر ۽ عوامي جلسن ۽ جلسون جي اهتمام تي مڪمل طور تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ڪشميري ميڊيا سروس موجب سمورن تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته سموري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪيو وئي ويئي سرڪاري حڪم نامي مطابق اهم سروسز جي سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪرفيو پاس تصور ڪيو ويندو حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ماڻهن جي چرپر تي مڪمل پابندي هوندي ۽ سمورا تعليمي ادارا بند رهندا اڪثر تعليمي ادارن شاگردن کي هوسٽل خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي گذريل هفتي والاريل علائقي ۾ واڌو ڀارتي فورسز کي خطي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي سرينگر ۽ ٻين شهرن جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن سميت وڏن وڏن رستن کي بند ڪيو ويو آهي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ گاڏين کي به تيار حالتن ۾ رکيو ويو آهي ذريعن موجب سيد علي گيلاني ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سموري حريت پسند قيادت کي گهرن ۾ نظربند ڪيو ويو آهي اڳوڻن ڪٺپتلي وڏن وزيرن محبوبه مفتي ۽ عمر عبدالله کي به گهرن ۾ نظربند ڪيو ويو آهي سرڪاري آفيسرن موجب موبائيل انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي پئي وڃي ۽ اڻ اعلانيل ڪروفيو لاڳو ڪيو پيو وڃي ٽي ڊي پي جي سربراهه محبوبه مفتي به ڪرفي لاڳو ڪرڻ بابت ٽوئٽ ڪيو آهي هن چيو ته موبائيل فون سميت انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي پئي وڃي ۽ ڪرفيو پاس جاري ڪئي پئي وڃي الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته سڀاڻي اسان سان ڇا ٿيڻ وارو آهي هي هڪ ڊگهي رات هوندي ڪانگريس اڳواڻ عثمان مجيد ۽ سي پي آءِ، ايم جو اڳواڻ محمد يوسف جهڙن سياسي اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟