سپريم ڪورٽ اورينج لائين ٽرين منصوبو جنروي 2020ع تائين مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اورنج لائن ٽرين منصوبي کي جنوري 2020 تائين مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت/ سعيد جي سربراهي ۾ اورنج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي جنهن سلسلي ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت منصوبي کي مڪمل ٿيڻ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته هي پراجيڪٽ ڪيستائين مڪمل ٿيندو؟ اڃان تائين منصوبو مڪمل ناهي ٿي سگهيو؟ ڪيترا پئسا خرچ ٿيا آهن.؟ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عدالت کي ٻڌايو ته پراجيڪٽ تي 169 ارب روپيه خرچ ٿي چڪا آهن. ان تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته منصوبي ۾ دير ٿيڻ سبب لاڳت به وڌي رهي آهي. ڇا اضافي لاڳت اوهان پاڻ ادا ڪندو.؟ سپريم ڪورٽ هر حال ۾ منصوبو مڪمل ڪرائيندي. ان موقعي تي جسٽس عمر عطابنديال چيو ته منصوبو پوين حڪومت شروع ڪيو هو جيڪو آڪٽوبر 2018ع تائين مڪمل ٿيڻو هئو. جسٽس اعجازالحسن چيو ته پراجيڪيٽ ڊائريڪٽر سبطين فضل حليم کي ڪم جاري رکڻ يا ان جي مبتادل آڻڻ جو چيو هو. سبطين فضل حليم شروع کان منصوبي کي ڏسي رهيو آهي. سبطين صاحب ڪيستائين ٽرين هلندي.؟ نومبر تائين ٽرين هلائڻ جو ٻڌايو ويو هو.؟ عدالت جي پڇاڻي تي سبطين فضل حليم ميٽرو ٽرين منصوبي جي مڪمل ٿيڻ لاءِ جنوري 2020 تائين جو وقت گهري ورتو. جنهن کان پوءِ عدالت ميٽرو ٽرين منصوبي جي مڪمل ٿيڻ لاءِ جنوري 2020 جي مهلت ڏئي ڇڏي ۽ ان منصوبي جي نگراني به سپريم ڪورٽ پاڻ ڪندي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي گرمين جي موڪلن ختم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں