وزيراعظم جو ترڪ صدر ۽ ملائيشين هم منصب کي فون، ڀارتي اڳرائي بابت آگاهي

0Shares

اسلام آباد  (بيورو) وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير جي حيثيت جي تبديلي جو ڀارتي اعلان سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ملائيشين هم منصب مهاتير محمد کي ٽيليفون ڪري والاريل ڪشمير ۾ تازين تبديلين بابت آگاهه ڪيو. عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير جي حيثيت جي تبديلي جو ڀارتي اعلان سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت جو اهو غير قانوني قدم خطي جي امن ۽ سلامتي کي تباهه ڪري ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته ڀارتي قدم ايٽمي صلاحيت رکندڙ پاڙيسرين وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ خراب ڪندو. مهاتير محمد چيو ته ملائيشيا والاريل ڪشمير جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ان صورتحال کان باخبر رهندو. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ملائيشين هم منصب مهاتير محمد کي فون ڪري والاريل ڪشمير جي هاڻوڪي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارتي غير قانوني قدمن سان علائقائي امن ۽ سلامتي متاثر ٿيندي، ڀارتي قدمن سان ٻن ايٽمي پاڙيسرين جا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيندا. ان موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال جو غور سان جائزو وٺي  رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان سان جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي ملاقات جو منتظر آهيان. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ترڪ صدر طيب اردگان کي فون ڪري ڀارتي اڳرائي کان آگاھ ڪيو. وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائڻ جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت جي غيرقانوني قدم خطي جو امن ۽ سلامتي تباھ ڪري ڇڏيندا. ٻئي طرف ترڪ صدر ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ جو عزم ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں