سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار، سعيد غني سڌ سماءُ، ناصر شاهه مڪاني ۽ اڪرام ڌاريجو کي صنعت ۽ واپار جا کاتا الاٽ

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وزيرن ۽ مشيرن جي کاتن ۾ ردوبدل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير سعيد غني کي سُڌ سماءَ، سهيل انور سيال کي آبپاشي کاتو، ناصر شاهه کي لوڪل گورنمينٽ ۽ ڄام اڪرام ڌاريجو کي صنعت ۽ تجارت جا قلمدان ڏنا ويا. وڏي وزير جي منظوري سان چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير ناصر شاهه کي لوڪل گورنمينٽ، ٻيلو کاتو ۽ مذهبي معاملن جا قلمدان ڏنا ويا. صوبائي وزير باري پتافي کي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتو الاٽ ڪيا ويا، جڏهن ته صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال کي اقيلتن ۽ خوراڪ کاتي جا قلمدان ڏنا ويا. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبائي وزير اسماعيل راهو کي زراعت کاتو ڏنو ويو، جڏهن ته صوبائي وزير سعيد غني کي سُڌ سماءُ ۽ پورهئي کاتي جو قلمدان به سونپيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير شبير بجاراڻي کي قدرتي وسيلن، پبلڪ هيلٿ ۽ ٻهراڙي جي ترقي وارا کاتا ڏنا ويا. سردار شاهه وٽ ثقافت ۽ سياحت وارو کاتو آهي، جڏهن ته صوبائي وزير فراز ڏيرو کي بحالي کاتو ڏنو ويو. نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير تيمور ٽالپر کي انفارميشن، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي وزارت ڏني وئي، جڏهن ته سهيل انور سيال کي آبپاشي، زڪوات ۽ عشر، اوقاف ۽ ائنٽي ڪرپشن کاتي جا قلمدان ڏنا ويا. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجوکي صنعت ۽ تجارت، جڏهن ته مرتضيٰ بلوچ کي هيومن سيٽلمينٽ جا کاتا ڏنا ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں