سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ تي اڄ ووٽنگ، صادق سنجراڻي استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي: اپوزيشن

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي سينيٽ سيڪريٽريٽ سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي خلاف بي اعتمادي رٿ اڄ خميس تي ئي پيش ٿيندو تفصيل موجب سينيٽ سيڪريٽريٽ اڄ خميس تي ٿيندڙ اهم اجلاس جو ايجنڊا به تيار ڪري ورتو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي خلاف رٿ ۽ قرارداد ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا سينيٽ سيڪريٽريٽ ووٽنگ جو عمل ملتوي ٿيڻ بابت تاثرات کي رد ڪري ڇڏيو سيڪريٽري سينيٽ محمد انور چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي خلاف ٺهراءُ اڄ خميس تي ئي پيش ٿيندو ووٽنگ لاءِ 7 ڏينهن گهربل هئڻ بابت تاثرات درست نه آهي بي اعتمادي رٿ جو عمل اڄ خميس تي ئي مڪمل ٿيندو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيرئمين جي خلاف ووٽنگ به انهيءَ ڏينهن ٿيندي. ٻئي طرف پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران اپوزيشن سينيٽرز جي مان ۾ مانجهاندي جي موقعي تي اپوزيشن بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي جي حڪمت عملي جوڙي ورتي. ذريعن موجب اربع تي مانجهاندي کي پ پ پ چيئرمين جا شروعاتي جملا رضا رباني ووٽنگ جي عمل کي بريفنگ ڏني اپوزيشن جي سمورن سينيٽرز مانجهاندي ۾ موجود بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي جي حڪمت عملي جوڙي ويئي راجا ظفرالحق ۽ حاصل بزنجو به اپوزيشن سينيٽرز جي مانجهاندي کي خطاب ڪيو شيرين رحمان، مولانا عبدالغفور حيدري، مشاهد حسين سيد، جنرل رٽائرڊ عبدالقيوم ۽ ٻيا به مانجهاندي ۾ موجود هئا. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين لاءِ ڀلو آهي ته هو پنهنجي عزت بچائيندي پاڻ ئي عهدي  تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، نه ته سڀاڻي ته کيس پاڻ ئي وڃڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ اپوزيشن ميمبرن لاءِ ڏنل مانجهاندي دوران ڳالهائيندي ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اپوزيشن وٽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي هٽائڻ ۽ ان جي خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ ڪامياب بڻائڻ لاءِ گهربل نمبرز موجود آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته منهنجي تجويز پهريان کان ئي هئي ته سينيٽ چيئرمين پنهنجي عزت بچائيندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، نه ته سڀاڻي ته هو وڃي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي سربراهه طرفان ڏنل مانجهاندي ۾ نامزد سينيٽ چيئرمين مير حاصل بزنجو، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا، شيري رحمان، رضا رباني، راجا ظفر الحق، عثمان خان ڪاڪڙ، اشوڪ ڪمار، ڪرشنا ڪماري، رحمان ملڪ، مشاهد الله خان، يوسف باديني، بهرامندي تنگي، راحيلا مگسي، عائشا رضا، نجما حميد، نذهت صادق ۽ رخسانا زبيري سميت 51 ميمبرن شرڪت ڪئي. ٻئي طرف سينيٽ چيئرمين جي لاءِ  مقررمخالف ڌر جي گڏيل اميدوار مير حاصل بزنجو چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. مير حاصل بزنجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  مان ان ڏينهن ئي کٽي ويو هئس جنهن ڏينهن منهنجو نالو سينيٽ چيئرمين جي لاءِ چونڊيو ويو هو. سينيٽ چيئرمين جي لاءِ مون کي مخالف ڌر جي 65 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. هن وڌيڪ چيو ته چوڌري تنوير پرڏيهه هجڻ سبب غير حاضر آهي جڏهن ته ڪامران مائيڪل به پروڊڪشن آرڊر تي ووٽ ڏيڻ ايندو. حاصل بزنجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صادق سنجراڻي کي راءِ ڏيندس ته هو پاڻ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي اهو ئي ان لاءِ ۽ اسان جي حق ۾ بهتر آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ سجاد طوري جو چوڻ آهي ته سينيٽ چيئرمين  استعيفيٰ نٿو ڏئي سگهي ان جي استعيفيٰ بابت خبرون هٿ ٺوڪيون آهن. سجاد طوري وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ سندن اتحادي سينيٽ چيئرمين سان گڏ آهن هو ڪيئن ٿو استعيفيٰ ڏئي سگهي.  ياد رهي ته مخالف ڌر طرفان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتماد جي رٿ پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومت طرفان جواب ۾ پ پ پ سان تعلق رکندڙ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊي والا جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں