شهبازشريف کان صاف پاڻي اسڪينڊل ۽ پاور ڪمپني ڪيسن ۾نيب پاران ڏيڍ ڪلاڪ تائين پڇاڳاڇا

0Shares

لاهور(بيورو)پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف نيب اڳيان پيش ٿي ويو. نيب مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪمپني اسڪينڊل ۽ پنجاب پاور ڪمپني ڪيس ۾ اختيارين جي غيرقانوني استعمال سميت مبينا ڪرپشن جي الزامن ۾ طلب ڪيو آهي ۽ سندس طلبي جو نوٽيس گذريل ڏينهن سندس رهائشگاهه تي اُماڻو ويو هو تفصيل موجب نيب لاهور صاف پاڻي ڪمپني ڪيس ۽ پنجاب پاور ڪمپني ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي 5 جولائي تي طلب ڪيو هو پر چونڊ مصروفيتن سبب هو اڄ ئي پيش ٿيو جڏهن ته هن نيب کان هڪ ڏينهن اڳ پيش ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ٽي رڪني ٽيم شهباز شريف کان ٻنهي ڪيسن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ڪجهه دير بعد هو نيب جي آفيس مان روانو ٿي ويو. ياد رهي ته نيب صاف پاڻي اسڪينڊل ۾ روالپنڊي جي تڪ اين اي 59 تان چوڌري نثار جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار قمر الاسلام کي پڻ گرفتار ڪيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں