حڪومت تيل جا اگهه وڌائي ڇڏيا، پيٽرول 5.15 ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 5.65 رپيا في لٽر مهانگا

0Shares

اسلام آباد (بيورو): وفاقي حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو. تيل اگهن ۾ واڌ، نوٽيفڪيشن جاري. خبر موجب وفاقي حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. پيٽروليم وزارت اوگرا جي سمري منظور ڪري ورتي. اوگرا پاران تيل اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 15 پئسا في لٽر واڌ ڪئيوئي. جنهن کانپوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 117 رپيا 83 پئسا في لٽر ٿي ويو. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 5رپيا 65 پئسا في لٽر وڌايو ويو، نئون اگهه 132 رپيا 47 پئسا في لٽر مقرر ڪيو ويو. لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 90 پئسا واڌ ڪئي وئي. جنهن کانپوءِ نئون اگهه 94 رپيا 87 پئسا في ليٽر ٿي ويو. جڏهن ته گاسليٽ جو اگهه 5 رپيا 38 پئسا في لٽر وڌايو ويو. گاسليٽ جو نئون اگهه 103 رپيا 84 پئسا في لٽر ٿي ويو. تيل جي شين جا نوان اگهه اڄ کان ئي لاڳو ٿي ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں