ڪنٽرول لائين تي ڀارتي جارحيت والاريل ڪشمير ۾ ناڪامي جو ثبوت آهي: ترجمان پاڪ فوج

0Shares

اسلام آباد/راولپنڊي (بيورو+م ڊ) ڀارتي فوج طرفان ڪنٽرول لائين تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ۽ ڊائريڪٽر جنرل سارڪ ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي ڪمشنر گورو اهلوواليا کي طلب ڪري ورتو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايل او سي متصل دنا، ڊڍنيال، جوڙا ۽ شاهه ڪوٽ سيڪٽر تي 30 جولاءِ تي ڀارتي فوج فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ 26 ورهين جو نوجوان نعمان احمد مارجي جڏهن ته عورت ۽ ٻارن سميت 9 شهري زخمي ٿي ويا هئا. ان واقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارت جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر گورو اهلوواليا کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ۽ پاڪستان طرفان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. واضح رهي ته گذريل 8 ڏينهن دوران سيز فائر جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پرڏيهي آفيس ۾ طلبي جو اهو 3 واقعو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ڀارت فوج لايئن آف ڪنٽرول تي لاڳيتو شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي ۽ 2017ع کان جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙين ۾ تيزي آئي آهي، انهن ٻن ورهين ۾ هڪ هزار 9 سئو 70 ڀيرا جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي. ترجمان جو چوڻ هو ته ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ انساني عظمت، عالمي انساني حقن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت طرفان جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي، ڀارتي ڀڃڪڙين سان تزويراتي غلط فهمي پيدا ٿي سگھي ٿي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو 2003ع جي جنگ بند معاهدي جو احترام ڪري ۽ ڀارت پنهنجي فوج کي جنگ بندي لاءِ مڪمل عملددرآمد جي هدايت ڪري جڏهن ته لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت امن کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل قومن جي امن مشن کي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪردار ادا ڪري . ٻئي طرف پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ناڪامي تي بوکلاهٽ جو شڪار آهي جنهن جو اظهار هو ڪنٽرول لائن تي جنگبندي جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڀارت طرفان سيز فائر جون وڌندڙ ڀڃڪڙيون والاريل ڪشمير ۾ ان جي ناڪامي تي بوکلاهٽ جو اظهار آهي، ڀارت عام شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪ فوج ڀارت کي جنگبندي جي ڀڃڪڙين جو اثرائتو جواب ڏئي رهي آهي ۽ ڪنٽرول لائن سان رهندڙ شهري آبادي جي تحفظ لاءِ هر قدم کڻندي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں